خانه بدوش

خورشيد قائم خاني

 

                گذريل سال مان ڀٽڪي، اوچتو قراقرم جي پهاڙن تائين وڃي نڪتو هوس. پنهنجي ديس جي اڪثر موسم معقول آهي، پر گرميون ڪجهه حد کان وڌيڪ گرم ٿين ٿيون. ڪجهه سنگتين صلاح ڏني ته پنهنجي ڪمري ۾ کڻي اي سي لڳراءِ. مون سوچيو ته ان کان ته سٺو آهي ته ڪنهن اهڙي علائقي طرف هليو وڃجي، جتي ايئرڪنڊيشنڊ ڪمري بجاءِ آسمان ۾ لڳل هجي ۽ ان جي ٿڌ سڀني کي ميسر هجي.

                اهو سوچي مان قراقرم جي پهاڙن ۾ اسڪردو تائين وڃي نڪتس، جتي مون زندگيءَ جا ڪئين لاها چاڙها ڏٺا آهن. پر مان اهو وساري ويٺو هوس ته هاڻ منهنجي عمر 75 سال آهي ۽ مان هن عمر ۾ اڳ جهڙي جولاني ۽ سيلاني طبيعت کي پالي نٿو سگهان. بهرحال مان آگسٽ 2007ع جي گرمين ۾ ڀڄي وڃي اسڪردو نڪتس، جتي وري سرديءَ جي مند اچڻ لاءِ پَر پئي ساهيا. ڏسندي ئي ڏسندي پهاڙي چوٽيون برف باريءَ سبب اڇا ويس پهرڻ لڳيون ۽ منهنجو حال اهو هو جو پاڻ سان گڏ گرم ڪپڙا به کڻي اچڻ وساري ويٺو هوس.

                منهنجي پراڻي دوست نادر امان تاجڪ منهنجي لاءِ سنڌو درياهه جي ڪنڌيءَ تي ساين ٻنين ۽ بيد مشڪن جي قطارن وچ ۾ هڪ خوبصورت گهر ڪرائي تي اڳ ۾ ئي وٺي ڇڏيو هو. نتيجو اهو نڪتو ته مان جيڪو گرمين کان ڀڄي اتي پهتو هوس، سو برفاني هوائن جي ور چڙهي ويس. مان هڪ ڊگهي ۽ بيزار ڪندڙ سفر کان پوءِ اتي پهتو هوس. حيدرآباد کان راولپنڊي پهچڻ لاءِ عوامي ايڪسپريس ٻن ڏينهن ۽ هڪ رات ۾ اهو سفر طئي ڪيو هو. راولپنڊيءَ کان گلگت پهچڻ لاءِ وڌيڪ يارنهن ڪلاڪن تائين ڪوچ وسيلي شاهراهه قراقرم تي سفر ڪرڻو پيو. جڏهن ته اسڪردو پهچڻ لاءِ انڊس هاءِ وي تي وڌيڪ 6 ڪلاڪ سفر ڪيم ۽ جڏهن اتي پهتس ته نمي ڀريل ٿڌين هوائن منهنجو آڌر ڀاءُ ڪيو.

                مان پهريون ڀيرو اسڪردو 1965ع واري جنگ جي شروعات ۾ آيو هوس ۽ ايئن ڪارگل واري پهرينءَ ويڙهه ۾ شامل هوس. تڏهن مان جوان به هوس ۽ مهم جُو پڻ. تڏهن هڪ سال تائين اٽڪل 16 هزار اونچن پهاڙي مورچن تي وڙهندو رهيو هوس. ان جا تفصيل ڪنهن ٻئي ڀيري ٻڌائيندس، پر  هاڻي ان کي 42 سال گذري چڪا هئا. مان زندگيءَ ۾ نه ته ڪڏهن دور انديش رهيو آهيان ۽ نه ئي ڪڏهن دنيادار. بس  زندگي نت نوان تجربا ڪندي گذري آهي. 

                سنڌو درياهه کي مون هتي ڪئين روپ ڌاريندي ڏٺو آهي. جڏهن مان 1964ع ۾ ڪارگل جي مورچن ۾ ڏکڻ وزيرستان مان اسڪائوٽس جو هڪ جٿو وٺي هتي پهتو هوس ته مون ان کي اولڊنگ (Olthing thang)  ۾ ڏٺو هو، جتان هي لداخ کان بلتستان ۾ داخل ٿيندو آهي. اتي هيءُ هڪ هيبتناڪ منظر پيش ڪندو آهي. هاڻ مان ان کي هوريان هوريان هلندي ۽ اسڪردو کي ڇهندي، گذرندو ڏسي رهيو هوس. منهنجو گهر ته درياهه کي ايترو ويجهي هو، جو مان ان جي وهڻ جو آواز گهر مان ئي ٻڌي سگهان پيو. روزانو صبح ساڻ اٿي، مان ان جي ڪناري سان جاگنگ ڪندو هوس. سنڌ ۾ مان هن جي پڇڙيءَ سان رهندو آهيان ۽ هتي منهنجو نئون ٺڪاڻو سندس  منڍيءَ سان گڏ گڏ هو. بس اها ئي منهنجي زندگي هئي ۽ اها ئي منهنجي ڪمائي، ته مون نانگ وانگر وهندڙ هن درياهه جي اتر ۽ ڏکڻ ٻنهي ۾ پنهنجو ٺڪاڻو ٺاهيو آهي.

                هن درياهه جي پاڻيءَ وانگر مان به خانه بدوش آهيان. هي وهندو ئي رهي ٿو ۽ مان هلندو ئي رهان ٿو. هي اتر کان ڏکڻ طرف وهي ٿو ۽ مان هن جي وهڪري جي ابتڙ ٿو هلان. طرف ڀلي ڪهڙو به هجي، پر هن جي قربت جو احساس قائم رهي ٿو.

                منهنجي روحاني ڀاءُ ڪامريڊ نيوموف ڪمپيوٽر تي گوگل نيٽ ورڪ وسيلي مانٽريال مان اسڪردوءَ کي ڳولي ڪڍيو. جڏهن هن ڪي- ٽو کي سڃاڻي ورتو ته مون سندس رهنمائي ڪئي. مون کيس ٻڌايو ته بالتوڙو گليشيئر، نيافو گيانگ سان ملي، اتر قطب کان ٻاهر دنيا جو طويل ترين گليشيئر ٿئي ٿو. ان جي ڏکڻ ۾ متوازي رستي تي سنڌو درياهه وهي ٿو. بس اتي ئي ڪٿي اسڪردو ملي ويندو. پر  اسڪردوءَ جي نالي بجاءِ هن منٺل جو ڳوٺ ڳولي ڪڍيو، جيڪو اسڪردو کان فقط پنجن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي. هتي هڪ وڏيءَ ڇپ تي گوتم ٻڌ جي انساني قد جيڏي شبيهه ٺهيل آهي. شايد ستين عيسوي صديءَ ۾ هي ٻُڌن جو وڏو مرڪز هو ۽ اها ئي جاءِ هاڻ ڦهلجي، اسڪردو بڻجي وئي آهي. پر ٻُڌ دور شايد تيرهين صديءَ ۾ ختم ٿيو ۽ پوءِ اهي ماڻهو مسلمان ٿي ويا. مگر مانٽريال(ڪئناڊا) مان ويهي ڪمپيوٽر وسيلي ان کي ڳولي لهڻ، بيشڪ جديد ٽيڪنالاجيءَ جو تمام وڏو ڪارنامو آهي. ايئن ڀاءُ سيم نيو موف مون کي قراقرم ۾ به ڳولي هٿ ڪيو. توڙي جو اسان جا ماڻهو اڃا تائين بلتستان ۽ بلوچستان ۾ به چڱيءَ پر فرق ڪرڻ ناهن سکيا. هي ماڻهو هاڻ منهنجو اصل ڪٽنب آهن. ڇو ته ماڻهوءَ جا اصل رشتا رت جا نه پر روحاني ۽ نظرياتي ٿيندا آهن.

                ايئن ئي ڪجهه ماڻهو موبائيل فون تي سنڌ مان به مون کان خيريت معلوم ڪندا رهندا آهن. انهن ۾ منهنجو پبلشر دوست علي نواز گهانگهرو، فيض محمد شيدي، کيمو ڀيل ۽ يوسف جروار پيش پيش آهن. کين ڳڻتي هئي ته مان قراقرم جي ماٿرين ۾ اڪيلو گهمندي، ڪنهن پريشانيءَ جو شڪار نه ٿي وڃان. هو منهنجي ڪيفيت ٻڌي، مون کي اتان نڪري اچڻ لاءِ چوندا رهيا، پر هاڻ منهنجو اتان نڪرڻ ايڏو سولو نه هو.هڪ ٻيو ڪردار، جنهن به سنڌ ۾ ضرور ياد رکيو هوندو، سا آرتي هئي. سانوري، دلڪش نڪ نقشي واري هوءَ واقعي به هڪ دل پذير خانه بدوش ڇوڪري هئي. هن جي جوڳي ڪٽنب وارا صدين کان وٺي نانگ پڪڙي، انهن کي سڌاري، بين وڄائي گذارو ڪندڙ آهن. جڏهن مون کيس پهريون ڀيرو جوڳين جي ٿاڪن تي ڏٺو ته هوءَ مون کي انتهائي غير معمولي نظر آئي. مون جڏهن کيس اتر  طرف وڃڻ بابت ٻڌايو هو ته هن چيو؛” بابو، ڪيڏانهن پيو وڃين؟“

”گهڻو پري، اونچن پهاڙن تي، ڪشمير کان به اڳتي.“

”اڇا... ته ڇا اهو انڊيا ۾ آهي؟“ هوءَ انڊيا کان سواءِ ڪنهن ٻئي ملڪ کي نٿي سڃاڻي. ”بس، اهو ئي سمجهه آرتي.“ مون کيس چيو. ” ته پوءِ منهنجي لاءِ انڊيا مان سوکڙي آڻجانءِ.“

”ڇا آڻيان.... ٻڌاءِ!“

”بابو، نڪ جي ڦلي، پيرن جي پايل ۽ ڳچيءَ جو هار آڻجانءِ... پر اهي سڀ شيون چانديءَ جون هجن، مون کي سون جي جهل آهي.“

”چڱو، ٻيو ڀلا ڇا آڻيانءِ ...“

”ٻيو... ٻيو هلڪن گلن وارو ڏهه گز ڪپڙو آڻجانءِ، هڪ جوڙو منهنجي لاءِ ۽ هڪڙو اديءَ لاءِ.“

                ان کي هڪ ٻه ڏينهن مس گذريا هئا ته آرتي ۽ سندس برادريءَ وارا پنهنجا گڏهه ۽ ڪتا هڪلي، اوڀر پاسي سُڃن پَٽن طرف لڏي وڃي چڪا هئا. پر وڃڻ کان اڳ ۾ آرتيءَ مون کي پارت ڪئي هئي ته مان جڏهن به وڃان ته ساڻس ملي وڃان. جڏهن مان ڏنل ڏس پتي بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ته هو ميرپورخاص کان ڪجهه ميل پرڀرو اتر طرف لٿل هئا. جڏهن مان اتي پهتس ته گهڻا تڻا ماڻهو خير گهرڻ لاءِ ويل هئا ۽ آرتي پنهنجين ٻڪرين لاءِ گاهه ڪرڻ لاءِ نڪتل هئي. جڏهن هوءَ واپس موٽي ته هڪ تنبوءَ نما بيٺڪ ۾ اسان جي جام ڪچهري ٿي. جڏهن مان شام ڌاري واپس ورڻ لاءِ اٿڻ لڳس ته آرتيءَ چيو؛ ”اڃا ڪجهه دير ويهه بابو، شام ٿيڻ ۾ اڃا ڪجهه وقت آهي.“

”مان هاڻ هلان آرتي، پري وڃڻو اٿم.“

”اڙي بابو، اڃا ته تو کي ڏسي جيءُ ئي ناهي ڀريو، خبر ناهي ته جبلن تان الائي ڪڏهن موٽين.“

                مان آرتيءَ جو اهو پيار ڀريو جملو ٻڌي، دل ئي دل ۾ مسرور ٿيندو، ٻنين جي وچ مان ڊگهيون ڊگهيون ٻرانگهون ڀريندو، واپس موٽي آيس.

                صدين کان وٺي خانه بدوشي ڪندي، انهن جوڳين لاءِ ويرانا ئي انهن جا ٺڪاڻا رهيا آهن ۽ اهي ٺڪاڻا ڪنهن شهر يا ڳوٺ سان ڳنڍيل ناهن ٿيندا. اسڪردوءَ ۾ مون کي خيال آيو ته جيڪڏهن آرتيءَ کي خبر پوي ته اتان هزارين ميلن جي ڦيري کان پوءِ ڪهڙيءَ ريت مان اچي اسڪردو پهتو آهيان ۽ سنڌو درياهه جي ڪناري تي ڪيئن نه هڪ گهر ۾ اڪيلو رهي، پاڻ پچايان ۽ پاڻ کاوان ٿو ته هن جا الائي ڪهڙا احساس هجن. آرتيءَ جي ماڻهن صدين کان وٺي نه گهر ٺاهيا آهن ۽ نه گهرو زندگي ڏٺي آهي ۽ نه ئي ڪو ڳوٺ وسايو آهي. ڪکن پنن سان ٺهيل عارضي جهوپڙيون  ئي ڌرتيءَ سان انهن جو رشتو هونديون آهن. جڏهن ته انهن عارضي گهرن سان گڏ گڏ هلندڙ گڏهه، ڪتا ۽ ڪجهه ٻڪريون ۽ رڍون ئي انهن جي ڪل ملڪيت هونديون آهن، جن لاءِ نه کين درن ۽ ديوارن جي گهرج هوندي آهي ۽ نه ئي ڪنڍن ۽ تالن جي. هو صحيح معنيَ ۾ اڇوت آهن. کين ڪنهن اڇوت بڻايو، هاڻ هو ان بابت سوچين به نٿا. تاريخ هنن کي وساري ڇڏيو آهي ۽ هنن تاريخ کي.

                خانه بدوش اهو ئي هوندو آهي، جنهن جو ڪو گهر ناهي هوندو. مون کي ان جو احساس 1967ع ۾ نيو يارڪ ۾ ٿيو، جڏهن مون اتي هڪ جپسي/خانه بدوش عورت نجمه آئشه سان سندس گهر ڏسڻ جو اصرار ڪيو. هوءَ نيو يارڪ ويجهو نيو جرسيءَ ۾ رهندي هئي ۽ ڪٿڪ ناچ سيکاريندڙ هڪ اسڪول ۾ استاد هئي. هن جي شادي هڪ يوناني جپسي لازارو ((Lazaro سان ٿي هئي، جيڪو گٽار وڪڻڻ جو ڪاروبار ڪندو هو. هڪ ڏينهن جڏهن مون مٿس گهڻو زور وڌو ته هن چيو:

”تنهنجي ملڪ ۾ خانه بدوشن کي گهر ملي ويا؟“

مان اهو ٻڌي سڪتي ۾ اچي ويس ۽ شرمندگيءَ وچان زمين کي گهورڻ لڳس. ان کان پوءِ مون کانئس ڪڏهن به گهر ڏيکارڻ جي فرمائش نه ڪئي. آرتيءَ جو به ڪو گهر ڪونهي. هوءَ مون کي نيو يارڪ جي نجمه آئشه جي ياد ٿي ڏياري. هن جا بس جهوپڙا آهن، جيڪي سدائين حرڪت ۾ رهن ٿا ۽ مان هتي قراقرم جي پهاڙن ۾ آرتيءَ جي پڊن ڏانهن موٽي وڃڻ جا خواب ڏسندو رهان ٿو. مون به اڄ تائين ڪنهن جاءِ کي پنهنجو مستقل ٺڪاڻو ناهي ٺاهيو. بس ڪرائي جا عارضي گهر هوندا آهن ۽ اهڙو ئي ڪرائي جو گهر مون اسڪردوءَ ۾ به ورتو هو، جنهن جو  وڌيڪ ذڪر ٻئي ڪنهن ڀيري ڪنداسين.