لگانو ڍنڍ جا نظارا

عبدالحئي پليجو

 

                ليوزرن شهر کان موڪلائي،  اسين لگانو ڍنڍ جي ڪناري تي ٺهيل لگانو شهر پهچي ويا هئاسين. برسات بلڪل ختم ٿي وئي ۽ آسمان به بلڪل صاف ٿي ويو، ڏسندي ڏسندي سج به پنهنجي روشني انهن پاڻيءَ جي ڦڙن تي وجهڻ لڳو، جيڪي اڃا وڻن ۽ گلن تي پيا هئا. انهيءَ سج جي روشنيءَ ڪري ڄڻ ته وڻ ۽ گل چمڪي رهيا هئا ۽ اسان انهن کي ڏسندي ئي ڏسندي، اڳتي پنهنجيءَ منزل ڏانهن وڃي رهيا آهيون. سج ۽ چنڊ جي روشني سدائين نئين نڪور ۽ ڪنواري لڳندي آهي ۽ سدائين پئي وڻندي آهي. ليوزرن کان لگانو ويندي، سڄو رستو حسين پهاڙين سان ڀريل نظر آيو. هونئن ته سڄو يورپ پهاڙين سان ڀريو پيو آهي، پر سوئيزرلينڊ جي پهاڙن جو لطف ئي ٻيو آهي. اسان انهن پهاڙين جي ور وڪڙن ۽ هيٺانهين مٿانهين ۾ لهندي چڙهندي، نيٺ اچي لگانو ڍنڍ ڀيڙا ٿياسين، جتي پري کان ڪيبل ڪارن ۾ ماڻهن کي ايندي ۽ ويندي ڏسي رهيا آهيون. وڏن وڻن جي ساوڪ ۾ ڪيڏو نه پيارو منظر آهي. ليوزرن شهر جون پهاڙيون ننڍيون هيون، پر لگانو جون پهاڙيون انهيءَ کان گهڻيون وڏيون آهن، جن تي هيٺان کان وٺي چوٽيءَ تائين ماڻهن جا گهر ٺهيل آهن، جيڪي گهڻي قدر اٽيلين طرز تي ٺهيل آهن. اسان جي بس لگانو ڍنڍ جي ڪپرن تي ٺهيل رستن تان گهمندي ڦرندي اچي اسان جي رات ٽڪڻ واري هوٽل پوسٽ سمپلن جي اڳيان بيٺي، جيڪا ڍنڍ جي بلڪل ڪپ تي آهي. ليوزرن ۾ اسان جي هوٽل نديءَ جي ڪپ تي هئي ۽ هتي وري لگانو ڍنڍ جي ڪپرن تي هئي، جتي دبئيءَ جهڙا وڏا وڏا پام جا وڻ ۽ هالينڊ جا سهڻا گلِ لاله (Tulips) هزارن جي تعداد ۾ ڍنڍ جي ڪپر تي نهايت خوبصورت منظر پيش ڪري رهيا هئا. منظر اهڙو حسين هو، دل ئي نه ٿي چاهيو ته هوٽل اندر وڃون.

                ايتري ۾ منا چيو ته”سامان کڻو ته هيٺ لهون، سڀ ماڻهو بس مان لهي چڪا آهن.“ جلدي جلدي بس مان سامان کڻندي هيٺ لهي هوٽل جي رسيپشن تان پنهنجون چاٻيون کڻي، ڪمري تي پهتاسين ۽ ڪمري ٻاهران پيل پنهنجون بئگون ۽ ٿيلها گهلي ڪمري اندر ڪياسين، جيڪو هر روز جو دستور هو ۽ اسان به انهيءَ تي هري مري ويا هئاسين. دروازي جي ڪلفن لاءِ چاٻين جا به ڪئين قسم هئا. ڪڏهن ڪڏهن ته نور ۽ فرخ کي به خبر ڪا نه پوندي هئي، پوءِ ڀر ۾ ئي بيٺل ڪنهن پنهنجي ٽوئر گروپ واري ناريءَ کي ان حوالي سان رهنمائيءَ لاءِ چوندا هئاسين، جيڪي اسان کي مدد ڪرڻ ۾ هاڻ ذرو به گهٽتائي ڪو نه ڪنديون هيون ۽ پيون خوش خوش ٿينديون هيون. جڏهن منا سنڌي ذريءَ جي ڀرت وارا ڪپڙا پائيندي هئي ته هو ڏاڍيون خوش ٿينديون هيون ۽ منا کان ان ڀرت جي باري ۾ پڇا ڳاڇا پيون ڪنديون هيون. کين ذريءَ جو سنڌي ڀرت ڏاڍو وڻندو هو ۽ اسان به کين سٺين سٺين هوٽلن جي خوب ڄاڻ ڏيندا هئاسين.

                ڪمرو کولي اندر داخل ٿياسين، ڇا ته هوٽل جو ڪمرو ڊيڪوريٽ ٿيل هو. خوبصورت نفيس پلنگ، جن تي سرمئي ڪلر جا ميٽرس تي پردا ۽ وهاڻا. وهاڻن مٿان اهي مخصوص قسم جون ٿلهيون چادرون وڇايل، جن کي پهرين جڏهن ڏٺوسين ته سمجهيوسين ته هوٽل وارن واهه جي ڪئي. بستري تي نه وهاڻو، نه ڪمبل- پر اهو بستري تي وڇايل وڏو پوش هٽايوسين ته خبر پئي ته بستري تي هر چيز موجود آهي. هي پوش ان ڪري وڇايل آهي جيئن بسترو سمهڻ مهل بلڪل فريش لڳي. پلنگ سان گڏ ڪٻٽ، صوفا، ٽيبلون، ڪارپيٽ، وڏو مني بار، خوبصورت ڪشادا دروازا ۽ دريون، جن تان پردو لاهڻ شرط ماڻهو ٻاهر ڍنڍ جو نظارو ڏسيو حيران ٿيو وڃي ۽ دل پئي چاهي ته اتي ئي بيٺو هجي. ٻاهر ڍنڍ ۾ ننڍيون وڏيون بوٽس تيزيءَ سان پيون هلن. جن تي گهڻو ڪري پٺيان صرف لگانو لکيو پيو آهي، جيڪو هتان ڪمري مان صاف نظر اچي رهيو آهي. ڍنڍ ۾ سوَن جي تعداد ۾ بدڪون پيون ترن، جيڪي نهايت خوبصورت لڳي رهيون آهن. دريءَ مان خوبصورت وڻ اڃا به وڌيڪ خوبصورت لڳي رهيا آهن. دستور مطابق هاٽ شاور وٺي، چانهه پيٽيز کائي ٻاهر گهمڻ نڪري پياسين.

                 شام جي ٽائيم ۾ گهڻو ڪري ٽوئر وارن جو گڏيل پروگرام هوندو هو. جنهن کي هو چون آپشنل ٽوئر- پر جڏهن اهڙو ڪو پروگرام نه هوندو هو ته نور ۽ فرخ گڏجي ڪنهن نائيٽ ڪلب يا ڪنهن ٻئي هنڌ گهمڻ ويندا هئا. آئون ۽ منا جدا گهمڻ هليا ويندا هئاسين. اسان خود چاهيندا هئاسين ته نوجوان ڀلي پنهنجي مرضيءَ سان گهمن ڦرن. آخر هي پنهنجي پڙهائي ڇڏي هت گهمڻ ڦرڻ لاءِ آيا آهن.

                لگانو ڍنڍ جي بلڪل ڪپرن سان گڏ فٽ پاٿ تي هلندي، ٿورو اڳڀرا ٿياسين ته سوَن جي تعداد ۾ ماڻهو ڍنڍ اندر سفيد بدڪن کي چارو هٿن تي رکي کارائي رهيا هئا ۽ بدڪون ڏاڍي شوق سان کائي رهيون هيون. کين ڪو به ڊپ ڊاءُ نه هو. پاڻ وٽ ته هر جانور، پوءِ ڪتو هجي، ٻلو هجي يا ڪو ٻيو پکي پکڻ، ماڻهوءَ کي ڏسي صفا ڀڄي ويندو ۽ کيس اهڙو ڊپ هوندو ته متان ماڻهو مون کي ماري نه ڇڏين ۽ حقيقت به ائين ئي آهي. جهنگلي جانور ته ٺهيو، پر پالتو جانورن کي به ماڻهو ڀتر ۽ سروٽا هڻن. اسان جي گهر ۾ ڦاڙها ڦاڙهيون، مور ۽ ڊيلون پاليل آهن، جن کي ڳوٺ جا ٻار ڀتين تي چڙهي، هروڀرو ڀتر هڻندا. ڦاڙها ۽ مور ڪيڏا نه سهڻا ۽ نفيس جانور ۽ پکي آهن. جن کي ڏسڻ سان ئي انسان کي راحت اچيو وڃي، پر ٻار انهن کي به ڀتر هڻن. ٻئي طرف يورپ ۾ ماڻهو ڍنڍن ۾ بدڪن ۽ ٻاهر ڪبوترن کي ايڏو ته ڀائين ۽ کاڌا کارائين، جو جتي اهي پکي هجن، انهيءَ جڳهه تي ڪيترا ئي چاري جا دُڪان موجود ملندا. بدڪون ۽ ڪبوتر اصل ماڻهوءَ تي پيا چڙهندا ۽ هٿ پيا چٽيندا. ذرو به ماڻهن کان نه ڊڄن. سو اسان به ڀر مان دڪان تان چارو خريد ڪري، انهن بدڪن کي کارائڻ بيهي رهياسين. اسان بدڪن سان رانديون ڪندا ڪندا ،ٻين سون مسافرن وانگر هڪ ڳاڙهي رنگ جي بئنچ تي ويهي رهياسين. هتي ڍنڍ جي ڪپ تي پيل سڀ بئنچون ڳاڙهي رنگ جون هيون، جيڪي سائي لان تي ڏاڍيون سهڻيون لڳي رهيون هيون. اسان کان ٿورو پرڀرو هڪ تمام وڏو خوبصورت ڦوهارو هلي رهيو هو. جنهن ۾ پاڻيءَ جون پنج لارون هيون.

                ڦوهاري جو ڏيک ڪيڏو نه پيارو آهي. هيٺ ڪرندڙ پاڻي ڪافي ايراضيءَ تي ڪري رهيو آهي. ڦوهاري اڳيان اسان ڪيترا فوٽا ڪڍيا. هڪڙي ميم سڳوريءَ کي عرض ڪيم، جنهن منهنجو ۽ منا جو فوٽو ڪڍيو. اسان به سندس ۽ سندس بواءِ فرينڊ جا ڪيترا فوٽا ڪڍيا. ڪي فوٽو ته پيار ونڊيندي به ڪڍرايائون.

palijo_hai@hotmail.com