قانون جي حڪمراني، ٻوليءَ جي بچاءَ  ۽ سنڌي ميڊيا جي ڪردار تي گفتگو!

سڪندر بلوچ

                ٽيڪساس اسٽيٽ جي تمام خوبصورت ۽ رنگين شهر ڊلاس جي ڊائون ٽائون ۾ هڪ هوٽل جي وڏي هال ۾ رات جي پوئين پهر جڏهن انڊيا جي مشهور ڪلاڪار ڪاجل جي گيت ”سنڌ منهنجي امان، سونهن تنهنجيءَ مٿان ڇا لکي ڇا لکان“ تي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پائي آمريڪي سنڌي جهمر هڻي رهيا هئا ته اتي آباد سندن ٽهيءَ جون سنڌياڻيون به سندن ساٿ ڏيئي رهيون هيون. مون کي اهو منظر آمريڪا جي ڊلاس جو نه، پر لاڙڪاڻي، سکر، ڪشمور يا ڪراچي جو لڳي رهيو هو، جتي جڏهن ڪي ٽي اين شوز ڪرڻ شروع ڪيا ته بلڪل ايئن ئي منظر هوندو هو. سانا ڪنوينشن جي آخري شام سنڌ کان هزارين ميل پري هن ننڍڙي سنڌ جو نظارو انتهائي دلڪش ۽ حسين لڳي رهيو هو. هر سال 4 جولاءِ تي آمريڪا ۾ رهندڙ سوين سنڌي فيمليز سانا پاران منعقد ٿيندڙ هن پروگرام ۾ ٽن ڏينهن لاءِ گڏ ٿينديون آهن، جتي ادبي، علمي سرگرميون به ٿينديون آهن ته ثقافتي رسمون، ميوزڪل شو، نوجوانن لاءِ پروگرامن کان ويندي آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌي دوستن جي پاڻ ۾ وڏيون ڪچهريون به مچنديون آهن. ٽن ڏينهن لاءِ ڄڻ ته هڪ ننڍڙي سنڌ آمريڪا ۾ نظر ايندي آهي.

ٽن ڏينهن وارو هي ڪنوينشن، جنهن ۾ پوليٽيڪل سيشن ۾ اڳوڻي قائم مقام چيف جسٽس راڻا ڀڳوان داس شرڪت ڪري ”قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي“ جي موضوع تي پيپر پڙهيو. راڻا ڀڳوانداس کان جڏهن مون پڇيو ته ڪيئن ٿو لڳي راڻا صاحب جڏهن ماڻهو توهان جي هيتري عزت ٿا ڪن؟ ته جواب ۾ مرڪندي چيائون ته، ”مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي، مون ته سمپلي پنهنجو فرض پورو ڪيو، ڪنهن تي ڪو احسان ته نه ڪيو.“ حالانڪه راڻا ڀڳوان داس زبردست ڳالهه ڪئي پر اسان جي معاشري ۾ جيڪڏهن ڪير فقط پاڻ کي سونپيل ڪم ايمانداريءَ سان ڪرڻ شروع ڪري ته گهڻا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. جتي راڻا ڀڳوان داس قانون جي حڪمراني جي ڳالهه ڪئي، اتي اهو به چيائون ته ان فرض جي ادائگي ۾ مٿس صدر مشرف جي ٽيم پاران سڌيءَ اڻ سڌيءَ طرح ڪيترائي دٻاءَ تڏهن کان پوڻ شروع ٿيا، جڏهن هو جسٽس افتخار چوڌري جي هٽائڻ کانپوءِ انڊيا کان واپس اچي رهيو هو. سندس چوڻ هو ته ان سلسلي ۾ ميڊيا جو ڪردار انتهائي شاندار رهيو. راڻا صاحب کان پوءِ نواز ليگ جي احسن اقبال جمهوريت جي اهميت تي ڳالهائيندي چيو ته آزاد عدليه کان سواءِ جهموري عمل هلائڻ ممڪن ناهي ۽ نواز ليگ پنهنجي فيصلي تي پڪي آهي ته ججز جي بحالي کان سواءِ اسان حڪومت جو حصو نه ٿينداسين. سندس اهو به چوڻ هو ته صوبائي ٻولين کي جيڪڏهن قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جي ڪا تجويز اچي ته نواز ليگ ان جي ڀرپور حمايت ڪندي. جنهن بيان جو اتي ويٺلن کيس زبردست داد ڏنو. اتي مختلف قراردادون پاس ڪيون ويون، جنهن ۾ محترمه جي شهادت جي جاچ القوام متحده کان ڪرائڻ، ججز جي بحالي، صدر جي استعيفيٰ، صوبائي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ ۽ اين ايف سي ايوارڊ کي صرف آدمشماري جي بنياد تي نه ورهائڻ، سنڌي شاگردن کي ڪراچي جي يونيورسٽيز ۾ داخلائون ڏيڻ، سنڌي ڳوٺن کي پڪو ڪرڻ واري قرارداد سميت ٻيون قراردادون پڻ پاس ڪيون ويون. سانا جي صدر عزيز ناريجي پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چيو ته، سانا هميشه پاڪستان ۾ جمهوريت جي حمايت ڪئي ۽ اڄ به ججز جي بحالي ۽ صدر مشرف جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ٿي. اتي ورلڊ بينڪ جي اڳوڻي ڊائريڪٽر سائين علي نواز ميمڻ پنهنجي تقرير ۾ تجويز ڏني ته آمريڪا ۾ رهندڙ هر سنڌي جيڪڏهن مهيني ۾ 10 ڊالر ڏئي ته 10 هزار ڊالر گڏ ٿي ويندا، جنهن سان 100 سنڌي شاگردن کي اسڪالرشپ ملي سگهن ٿيون. ايئن اسان کي ايندڙ ڏهن سالن ۾ جيڪڏهن 10 هزار سنڌي مختلف شعبن ۾ ملي وڃن ته اهو وڏو انقلابي قدم هوندو. ائين ئي ميڊم غزاله رحمان، جيڪا لاس اينجلس يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي، ۽ سڌ سما واري وفاقي وزير شيري رحمان جي وڏي ڀيڻ پڻ آهي، ان پيپر پڙهيو ته سنڌي ٻولي کي ڪهڙا خطرا در پيش آهن. هن ٻڌايو ته خاص ڪري ڪراچي ۾ سنڌي ٻولي سان اتان جي اسڪولن ۾ ماٽيلي ماءَ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. هن دنيا جي ٻين ٻولين سان سنڌي ٻولي کي ڀيٽيندي چيو ته، جرمني توڙي جاپان ۾ ٻار لاءِ سندس ٻولي پهرين ۽ لازمي هوندي آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت به سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه خاص ڪري. سنڌي ميڊيا جي ڪردار تي نصرت لاشاري ۽ مون ڳالهايو. نصرت سنڌي ميڊيا تي ڪجهه گهڻي ئي تنقيد ڪئي، پر مون ان جو دفاع ڪندي اهو دليل ڏنو ته جيتوڻيڪ اڃا سنڌي ميڊيا کي گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، پر ڇا اهو گهٽ آهي ته سنڌين کي انسٽيٽيوٽ مليا آهن. سنڌ ڪيس جهڙي نموني سنڌي پيش ڪيو آهي، ڇا اهو گهٽ آهي؟ ڪالاباغ ڊيم کان وٺي ٿل ڪينال. اين ايف سي تائين سنڌي ميڊيا جو رول مثبت رهيو آهي.

ان کانپوءِ 26 مهينا قيد ڪاٽيندڙ جيئي سنڌ قومي محاذ جي ڊاڪٽر صفدر سرڪي پنهنجي قيد جا ڏينهن ۽ ڀوڳيل اذيتن جي داستان تي روشني وڌي. محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي ياد واري سيشن ۾ ذوالفقار هاليپوٽي، نصرت لاشاري، پ پ جي نوجوان ايم پي اي عمران ظفر لغاري مقالا پڙهيا. جڏهن ته اشتياق انصاري ۽ ذوالفقار هاليپوٽو ۽ منظور اعجاز جي ڪتابن جي مهورت به ان موقعي تي ڪئي وئي. منظور اعجاز پنجابي ۾ پنهنجو مقالو پڙهيو. سندس چوڻ آهي ته سنڌي اچي ها ته سنڌي ۾ تقرير ڪريان ها. هن پاران امر جليل ۽ تنوير عباسي جي سنڌي مان پنجابي ۾ ترجمي وارن ڪتابن جو مهورت به ٿي. نامياري اديب مظهر جميل به سنڌي ادب جي بقا تي ڳالهايو.

sikanderbaloch1@hotmail.com