قمبر (ن ڪ)

”واهر ڪريو“:نيو سعيدآباد جي روهڙي ڪئنال متاثرين جو احتجاج

نيو سعيد آباد (ن ڪ) نيو سعيد آباد لڳ روهڙي ڪئنال کي متل موري ڀرسان پيل گهارو بند ٿيڻ باوجود گهاري جي متاثرين جي واهر لاءِ جوڳا بندوبست نه ٿيڻ سبب ڳوٺاڻن احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو آهي، ڳوٺ رمضان نهڙي، ابراهيم، راهو، ملوڪ آباد، لاکو ساند، عثمان ساند، اڇي مسجد راهو، پانڌي هنڱورو جي گهاري متاثرين مٽياري انتظاميا طرفان رليف ڪئمپ بند ڪرڻ واري عمل تي سخت رد عمل ظاهر ڪندي  چيو ته هڪ  ته  گهاري جي پاڻي اسان جا اجها توڙي مال متاع ٻوڙي ڇڏيو ٻئي طرف حڪومت به اسان لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو، اسان هنيئر  دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهيون، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي  ڊي سي او مٽياري بقاءَالله انڙ ٻڌايو ته  عوامي شڪايتن تي  اي ڊي او هيلٿ مٽياري سيد حسن مراد شاهه جي اڳواڻي ۾ ميڊيڪل ٽيمون متاثر ڳوٺن ڏانهن اماڻيون ويون آهن، هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڊي سي او فنڊ  مان پاڻي ڪڍڻ واريون 7 مشينون  گهرائي متاثر ڳوٺن کي پهچايون ويون آهن، هڪ ٻن ڏينهن اندر ڳوٺن ۾ بيٺل پاڻي مڪمل بند ڪيو ويندو.