ڪنري
(ن
ڪ) |
|
دادو ڊسٽرڪٽ جيل جي 28 اهلڪارن کي 5 مهينن کان پگهارون نه مليون،سخت پريشان ميهڙ (ن ڪ) دادو ڊسٽرڪٽ جيل جي 28 اهلڪارن کي گذريل 5 مهينن کان پگهارون ناهن مليون، جنهن ڪري خاندان فاقاڪشي جي زندگي گهارڻ تي مجبور آهن، ان سلسلي ۾ اهلڪارن لياقت کوسو، اعظم سومرو، ممتاز کوکر ۽ روشن ڪورائي صحافين کي ٻڌايو ته نومبر 2007ع ۾ ميرٽ تي ڀرتي ڪيو ويو ۽ ڊيوٽي ڪيون پيا پر 5 مهينن کان پگهارون ناهن مليون، جنهن سبب اسين سخت پريشان آهيون، هنن جيل کاتي جي صوبائي صلاحڪار گل محمد جکراڻي کي نوٽيس وٺڻ ۽ پگهارون ڏيارڻ جي اپيل ڪئي آهي.
|