رپورٽ:عبدالرحمان
رند |
|
هالا ڀرسان زبردستي پرڻايل ناري ڀڄي عدالت پهتي،دارالامان حوالي هالا(ن ڪ) هالا ڀرسان اڍائي مهينا اڳ زبردستي مرضيءَ خلاف پرڻايل ڳوٺ بکر جمالي جي رهواسڻ نوجوان ناري 20 ورهين جي صنم مڙس ۽ وارثن جي مبينا تشدد کان تنگ اچي فرار ٿي سول جج ۽جوڊيشل مئجسٽريٽ هالا جي عدالت ۾ پيش ٿي تحفظ جي اپيل ڪئي، ناري صنم عدالت آڏو ڏنل بيان ۾ ۽ ”ڪاوش“ سان ڳالهائيندي چيو ته پيءُ ۽ چاچن اڍائي مهينا اڳ زبردستي مرضيءَ خلاف سئوٽ زين العابدين سان پرڻائي ڇڏيو. هن چيو ته مون احتجاج ڪيو ته وحشياڻو تشدد ڪيو ويو ۽ مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون. هن ٻڌايو ته زبردستي پرڻائڻ کانپوءِ مڙس، پيءُ ۽ چاچا سخت تشدد ڪندا هئا، مڙس تذليل ڪرڻ سان گڏ جانورن جهڙو ورتاءُ ڪندو هو. هن چيو ته منهنجو مڙس ۽ ٻيا وارث مون کي ڪنهن به صورت ۾ جيئرو نه ڇڏيندا، ان ڪري تحفظ ڏنو وڃي. هن چيو ته زبردستي ڏنل مڙس کان خلع ڏياري وڃي. عدالت ناريءَ جو بيان رڪارڊ ڪرڻ بعد ٻي شنوائي تائين کيس دارالامان حيدرآباد اماڻي ڇڏيو، هوڏانهن ناريءَ ان موقعي تي پاڻ مٿان ٿيل تشدد جا نشان به ڏيکاريا.
|