دادو(ن ڪ)

پ پ حڪومت نج ميرٽ تي نوڪريون ڏيندي، ماڻهو ٺڳن کان هوشيار رهن:اياز سومرو

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) قانون جي صوبائي وزير محمد اياز سومرو سرڪٽ هائوس لاڙڪاڻو ۾ پيپلز پارٽي ضلعي جي اهم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ماضي جي حڪمرانن ملڪ کي ڪيترن ئي بحرانن ۾ مبتلا ڪيو آهي، پيپلز پارٽي جي موجوده حڪومت تيل، بجلي ، گئس ۽ ٻين بحرانن کي منهن ڏئي حل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي، هن چيو ته عوام جا مسئلا  تڪڙا حل ڪرڻ لاءِ ”ڊرگ ڪورٽون، هاري ڪورٽون“ پڻ قائم ڪيون وينديون، هن چيو ته تنظيمي اڳواڻ ڪامورن سان نه پر پارٽي ورڪرن سان مسئلا حل ڪن، هن چيو ته ڪوئلو سنڌ جي امانت آهي، جنهن مٿان ڪنهن کي به ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته پيپلز پارٽي جي موجوده حڪومت نج ميرٽ تي جلد بيروزگارن کي نوڪريون ڏيندي، ڪنهن به بيروزگار کان فارمن جي نالي تي رقم نه ورتي وئي آهي، جيڪي ماڻهو نوڪريون ڏيارڻ جي بهاني اٻوجهه ماڻهن کان رقم وٺن ٿا انهن  جو پيپلز پارٽي سان ڪو به تعلق ناهي، ماڻهو هوشياري سان اهڙن ٺڳن جي دلاسن ۾ نه اچن، اجلاس ۾ پيپلز پارٽي ضلعي جو جنرل سيڪريٽري محمد انور ڀٽو، نائب صدر خير محمد شيخ، سٽي جو صدر آفتاب نيڪ محمد ڀٽو، نيڪ محمد تنيو، ياسين ڀٽو، سيد ديدار شاهه، جاويد منگي، قاضي منظور، سهيل انور، سيال، سليم سومرو، ڊاڪٽر شوڪت ابڙو، غني جتوئي، عبدالحامد ڀرڳڙي، ستار کهاوڙ، خان بهادر اگهم ۽ ٻيا تعلقن، ضلعن جا صدر ۽ ذيلي تنظيمن جا اڳواڻ شريڪ ٿيا.