مشرف ۽ زرداري جي اقتدار ۾ ڪو به فرق ڪونهي:ممتاز ڀٽو

ڪراچي(پ ر) سنڌ نيشنل فرنٽ جي چيئرمين سردار ممتاز علي ڀٽو پنهنجي رهائشگاهه تي ملاقاتين سان ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا جي سرپرستي ۾ پرويز مشرف ۽ شهيد بينظير جي وچ ۾ معاهدو ٿيو هو پر جڏهن محترمه پاڪستان آئي ۽ عوام جو رخ پنهنجي طرف ڏٺو ته آمريڪا جي سرپرستي ۾ مشرف سان ٿيل ڊيل تان هٽي وئي، شهيد بينظير جي قتل ڪيس جي انڪوائري اقوام متحده کان ڪرائڻ جي ضرورت ڪونهي، ڇو جو اقوام متحده خود ڪو به تحقيقاتي ادارو ناهي، جو هو قتل ڪيس جي جاچ ڪري، حڪمرانن پاران اقوام متحده کي درخواست ڏيڻ صرف ۽ صرف شهيد بينظير جي خون مان پنهنجي جان ڇڏائڻ آهي پر اسين شهيد بينظير جي خون کي شهيد ميرمرتضيٰ جي خون وانگر هضم ٿيڻ ڪو نه ڏينداسين ۽ قاتلن کي آخري انجام تائين پهچائڻ تائين هرممڪن ڪوششون ڪندا رهنداسين، سردار ممتاز علي ڀٽو وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ طالبانائيزيشن جي واويلا ڪندڙ خود آمر ضياءُ دور جي پيداوار آهن، جڏهن ته ڪراچي ۾ طالبانائيزيشن جو وجود ئي ڪونهي، هن چيو ته مشرف ۽ زرداري جي اقتدار ۾ ڪو به فرق ڪونهي ۽ موجوده حڪمرانن ته قوم جي ڏوهاري پرويز مشرف کي به تحفظ ڏنو آهي، اهڙي صورتحال ۾ عوام کي اکيون پٽڻ کپن.