|
سيف الله ڪئنال ۾ پاڻي کوٽ خلاف قبي سعيد خان ۾ شٽر بند هڙتال، جلوس، ڌرڻو قبو سعيد خان (ن ڪ) سيف الله مگسي ڪئنال ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف قبو سعيد خان ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جي سڏ تي قبي سعيد خان ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، بعد ۾ آبادگارن عبدالخالق کوسو، اسحاق مغيري، مٺل کوسو ۽ غلام رسول ڪمبوهه جي اڳواڻي ۾ جلوس ڪڍي قبو سعيد خان-شهدادڪوٽ روڊ تي ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري بلوچستان ۽ شهدادڪوٽ ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي آبادگارن دانهيندي چيو ته سيف الله مگسي ڪئنال ۽ ان مان نڪرندڙ شاخن ڍروي، قبو، پتوجا ۽ امداد مائينر ۾ پاڻي کوٽ سبب آبادگار پريشان آهن، هنن الزام هڻندي چيو ته آبپاشي عملدار بلوچستان کي پاڻي وڪرو ڪري رهيا آهن ۽ انهن ريمانڊلنگ ذريعي ڪروڙين رپيا هڙپ ڪيا آهن، آبادگارن چتاءُ ڏنو ته گڙنگ ريگيوليٽر مان نئين شاخ ڪڍي پاڻي کوٽ ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ 3 ڏينهن بعد شهدادڪوٽ روڊ بند ڪيو ويندو.
|