|
عمرڪوٽ جي اي ڊي او صحت کي باقاعده چارج نه ملڻ سبب ملازمن کي پگهار نه ملي ڪنري (ن ڪ) ضلعي عمر ڪوٽ جي ڏيڍ مهينو اڳ بدلي ڪيل اي ڊي او صحت ڊاڪٽر فضل الاهي ميمڻ نئين مقرر ٿيل اي ڊي او ڊاڪٽر عمر رند کي اڃا تائين چارج نه ڏيڻ سبب صحت کاتي ضلعي عمر ڪوٽ جو ڪاروهنوار ٺپ ٿيل آهي، ڏيڍ مهينو انتظار ڪرڻ باوجود چارج نه ڏيڻ تي نئين مقررٿيل اي ڊي او ڊاڪٽر عمر رند چار ڏينهن اڳ پاڻمرادو چارج وٺي ڪم شروع ڪيو، باقاعده چارج نه ملڻ سبب صحت کاتي جي ملازمن جي پگهار جو مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي، سوين ملازم جولاءِ جي پگهار نه ملڻ سبب سخت پريشان آهن.
|