|
حيدرآباد پبلڪ اسڪول ۾ شادي هالن جي
قيام ۽ گرلز ميڊيڪل ڪاليج جوڙڻ جو پير مظهر نوٽيس ورتو،جاچ جو
حڪم
حيدرآباد
(رپورٽ: ستار ملڪ/سکر لاشاري) تاريخي پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾
گرلز ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪرڻ ۽ تاريخي اسڪول اندر شادي هال قائم
ڪرڻ جي شڪايتن تي سنڌ جي تعليم واري وزير پير مظهر الحق اسڪول
جي پرنسپال خلاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ان ڏس ۾ حاصل ڪيل
ڄاڻ موجب پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي استادن سنڌ جي تعليم واري
وزير پير مظهرالحق کي اسڪول اندر شادي هال قائم ڪرڻ، سنڌي
شاگردن جا سيڪشن ختم ڪرڻ، هاسٽلن جو غير لاڳاپيل ماڻهو پرووسٽ
طور مقرر ڪرڻ، غير نصابي سرگرميون ختم ڪرڻ، 2003ع کان 2008ع
تائين فنڊن جي آڊٽ نه ڪرائڻ، سينيئر استادن کي رهائشي ڪالوني ۾
سي ٽائيپ گهر ڏيڻ ۽ سينارٽي ۾ نظرانداز ڪرڻ جون شڪايتون ڪيون
هيون، جنهن تي تعليم واري وزير پبلڪ اسڪول جي پرنسپال عباس رضا
عباسي خلاف جاچ جو حڪم ڏنو، 25 جون تي جاري ڪيل ليٽر موجب
بيورو آف ڪيريڪيولم جي ڊائريڪٽر جنرل شفيق احمد شاهاڻي کي جاچ
جو حڪم ڏئي هڪ هفتي اندر رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي، ڪاوش
پاران رابطو ڪرڻ تي ڊي جي بيورو آف ڪيريڪيولم شفيق احمد ٻڌايو
ته جاچ بابت ليٽر مليو آهي پر آئون جاچ نه ڪري سگهندس، هن
ٻڌايو ته آئون 19 هين گريڊ ۾ آهيان، جڏهن ته پرنسپال 20 هين
گريڊ ۾ آهي، ٻئي طرف مليل ڄاڻ موجب اسڪول جي استادن 5 سالن کان
اسڪول جي فنڊن جي آڊٽ نه ٿيڻ تي وڏي وزير جي انسپيڪشن ٽيم جي
ڊائريڪٽر جنرل شفيق حيدر موسوي کي درخواست اماڻي آهي، جنهن بعد
پتو پيو آهي ته پبلڪ اسڪول جي پرنسپال خلاف جاچ جي ذميواري به
شفيق موسوي ڏانهن اماڻي ويندي، ڪاوش پاران رابطو ڪرڻ تي هن
ٻڌايو ته زاهد ڀرڳڙي جاچ لاءِ رابطو ڪيو آهي، اسان جلد جاچ
ڪنداسين.
ڪنور نويد کي پبلڪ اسڪول جي چيئرمين شپ
تان هٽايو ويو:زاهد ڀرڳڙي مقرر
حيدرآباد:
تعليم واري صوبائي وزير پير مظهر الحق حيدرآباد جي تاريخي پبلڪ
اسڪول جي بورڊ آف گورنرز جي چيئرمين شپ تان ضلعي ناظم ڪنور
نويد کي هٽائي صوبائي وزير زاهد ڀرڳڙي کي نئون چيئرمين مقرر
ڪيو آهي، اهڙي تصديق ڪندي تعليم واري وزير پيرمظهر الحق گذريل
ڏينهن سنڌي ادبي بورڊ جي اجلاس بعد ڪاوش سان ڳالهائيندي چيو ته
اسان اسڪول جي چيئرمين شپ تان ضلعي ناظم ڪنور نويد کي هٽايو
آهي، سندس جاءِ تي زاهد ڀرڳڙي کي چيئرمين مقرر ڪيو آهي، هن
ٻڌايو ته بورڊ آف گورنرز جي جوڙجڪ به جلد ڪئي ويندي، جنهن جو
نوٽيفڪيشن پڻ جاري ٿيندو، واضح رهي ته پبلڪ اسڪول بابت ڪنهن
به حتمي فيصلي جي منظوري بورڊ آف گورنرز ڏيندو آهي، چيئرمين
سميت ڊي سي او، اي ڊي او تعليم، اي ڊي او روينيو سرڪاري ميمبر
جڏهن ته تعليمي ماهر آزاد ميمبر طور مقرر ٿيندا آهن، بورڊ آف
گورنرز جي جوڙجڪ جي منظوري سيڪريٽري ايجوڪيشن ڏيندو آهي.
حيدرآباد ضلعي حڪومت پاران پبلڪ اسڪول
جي 25 لکن جي گرانٽ بند
حيدرآباد:
حيدرآباد ضلعي حڪومت پاران هيل پبلڪ اسڪول کي هر سال ملندڙ 25
لکن جي گرانٽ واري رقم مختص نه ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته
اسڪول ۾ انتظاميا جي لاپرواهي ۽ بجيٽ جي اڻهوند سبب تاريخي
اسڪول جي ٻن سنڌي سيڪشنن مان هڪ ڊي سيڪشن بند ٿي ويو آهي، گڏو
گڏ ٻهراڙي جي شاگردن جي رهائش لاءِ قائم ٿيل لطيف هاسٽل پڻ بند
ٿي وئي آهي، ڄاڻايل صورتحال سبب تاريخي پبلڪ اسڪول جي ساک
متاثر ٿي رهي آهي، ان ڏس ۾ ”ڪاوش“ پاران گڏ ڪيل ڄاڻ موجب
حيدرآباد جي تڏهوڪي ڪمشنر نياز صديقي پاران 1960ع ۾ لطيف آباد
۾ قائم ڪرايل پبلڪ اسڪول انتظاميا جي لاپرواهي سبب مختلف مسئلن
جي ور چڙهي ويو آهي، جڏهن ته حيدرآباد ضلعي حڪومت پاران پبلڪ
اسڪول جي مالي مدد لاءِ هر سال ملندڙ 25 لک رپين جي گرانٽ هن
سال جي بجيٽ ۾ مختص نه ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، اهڙو انڪشاف
ضلعي حڪومت جي هلندڙ مالي سان 9-2008ع جي سالياني بجيٽ جي
مشاهدي دوران ٿيو آهي، هوڏانهن پبلڪ اسڪول جي واڌ ويجهه لاءِ
بجيٽ جي کوٽ ۽ اسڪول انتظاميا جي غلط رٿابندي سبب اسڪول جي ٻن
سنڌي سيڪشنن مان هڪ ڊي سيڪشن بند ٿي ويو آهي، مٿان وري شاهه
عبداللطيف هاسٽل کي تالا لڳڻ سبب سنڌ جي مختلف ضلعن مان ايندڙ
شاگردن جي انگ ۾ پڻ گهٽتائي ٿي رهي آهي، هوڏانهن پبلڪ اسڪول کي
هر سال ملندڙ 25 لک رپيا گرانٽ هيل مختص نه ڪرڻ واري معاملي تي
ضلعي ناظم ڪنور نويد جميل ”ڪاوش“ سان ڳالهائيندي چيو ته پبلڪ
اسڪول مالي بحران ۾ هئڻ سبب ضلعي حڪومت پاران اسڪول انتظاميا
جي مالي مدد ڪرڻ لاءِ 25 لک رپين جي گرانٽ ڏني وئي هئي، هاڻ
اسڪول پنهنجن پيرن تي بيهي رهيو آهي، تنهن ڪري هن سال جي بجيٽ
۾ رقم مختص ناهي ڪئي وئي، هن چيو ته جيڪڏهن اسڪول جي ترقي لاءِ
گرانٽ جي ضرورت پئي ته ٻيهر ڏني ويندي.
|