روزاني ڪاوش - هائيڊ پارڪ _ اڄ جي بهترين لکڻي |
|
ريڊيو جي دنيا جو هڪ عظيم هيرو! ڪنهن شاعر جو قول آهي ته ” جو سنڌ سنواري، سو جيئندو رهندو“ اڄ اسان به هڪ اهڙي شخصيت کي ياد ڪندي کيس خراج پيش ڪريون ٿا، جيڪو پهرين سيپٽمبر 2007ع تي سنڌ کان جدا ٿي ويو. ان کي پوري سنڌ سيد صالح محمد شاهه المعروف ”ڏاڏي فتح خان“ جي نالي سڃاڻي ٿي. هن پنهنجي 70 سالا زندگي جا 50 سال ريڊيو حيدرآباد جي مائڪرو فون ذريعي سنڌ، سنڌ واسين ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي لاءِ وقف ڪري ڇڏيا هئا. فتح خان 50ع جي ڏهاڪي ۾ ريڊيو حيدرآباد تي آيو، ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ ئي هي مقبوليت جي آسمان تي روشن تارو بڻجي چمڪڻ لڳو. هن شاهه سائين جي رسالي کي اهڙي انداز سان پڙهيو جو سندس آواز ماڻهن جي دلين ۾ امر بڻجي ويو. فتح خان جي آواز ۾ محفوظ ٿيل شاهه جو رسالو ڪنهن عظيم ورثي کان گهٽ ناهي. سيد صالح محمد شاهه جڏهن سنڌ، ان جي ثقافت، تاريخ، ٻولي ۽ تاريخي ماڳن جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائيندو هو ته ائين محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ هن صاحب پنهنجي اکين سان سنڌ ٺهندي يا آباد ٿيندي ڏٺي هجي. سندس وفات کانپوءِ هن عوامي حڪومت سندس پروگرام جو نالو تبديل ڪري سندس نالي سان منسوب ڪري ”فتح خان جي اوطاق“ رکيو آهي. فتح خان کي شاهه سائين جي پيغام ۽ سنڌ جي خدمت ڪرڻ عيوض حڪومت کيس صدارتي ايوارڊ سان به نوازيو هو. سيد صالح محمد شاهه ڪجهه عرصو پي ٽي وي تي به ڪم ڪيو، جيڪڏهن سيد صالح محمد شاهه سنڌ جو سڀ کان وڏو براڊڪاسٽر چئجي ته غلط نه هوندو. هو براڊڪاسٽنگ جي دنيا جو هيرو هو، ۽ سنڌ واسي پنهنجي هيرن کي ڪڏهن به وساريندا ناهن. وقاص کوسو/انڙ پور نئون ٽائيم–پراڻو ٽائيم سمجهيو اهو پئي ويو ته 31 هين آگسٽ ۽ پهرين سيپٽمبر جي وچ رات گهڙين کي هڪ ڪلاڪ پوئتي ڪري اڳوڻو ٽائيم بحال ڪيو ويندو ۽ پهرين سيپٽمبر تي اڳوڻي وقت موجب زندگي جو وهنوار هلي پوندو، پر سرڪار کي هي نئون ٽائيم پسند اچڻ سبب ان کي آڪٽوبر تائين وڌائڻ جون خبرون اچڻ جي ڪري عوام جي اها اميد ختم ٿي وئي ته ڪو اهو ”نئون–پراڻو ٽائيم“ وارو جهنجهٽ ختم ٿيندو، پر اهو اڃا به ٻه مهينا اڳتي وڌايو ويو آهي. بهرحال جيڪڏهن سرڪار ٻين ڪارنامن بعد اچي اَچي هڪ ڪلاڪ ٽائيم اڳتي يا پوئتي ڪرڻ ۾ فائدو سمجهي ٿي ته عوام ڇو ناراض ٿيندو ۽ جيڪڏهن عوام ناراض ٿيو به ته ان جي ڪنهن به سرڪاري وزير توڙي عملدار کي ڪهڙي پرواهه ٿيندي؟ عوام ته دعائون ٿا ڏين ته ڪاش انهيءَ ڪلاڪ اڳتي ۽ پوئتي ڪرڻ وارين سئين ۾ ئي ملڪ جو ڀلو ٿئي. پر جيڪڏهن اهڙين تڪليفن/پريشانين باوجود به ڪو کڙ تيل نه نڪتو ته ان جو ڏوهه ڪنهن تي ڏجي؟ اختياريون اسان کي ٻڌائين ته وقت کي اڳتي ڪرڻ مان ڪهڙا فائدا حاصل ٿيا؟ ان سان ته هڪڙو مونجهارو پيدا ٿيو آهي، جو جنهن کي وقت ٻڌائجي ٿو، اهو هڪدم سواليه انداز ۾ ورائي ٿو ته ”نئون يا پراڻو؟ هاڻ ڪنهن کي ڪنهن کي مطمئن ڪجي ته ٽائيم اهو درست سمجهيو وڃي، جيڪو سرڪار نامدار پاران اعلان ڪيل آهي. رب سڻائي ڪندو. چون ٿا ته سرڪار گهڻن ماڻهن کي ٽائيم ٽيبل جي اهڙي هير ڦير ڪري رولڙي ۾ وجهيو ڇڏيو آهي، اڪثر ته اڃا به پراڻي وقت تي پنهنجو روزمرهه وارو وهنوار جاري رکيو اچن، البته ميل ملاقات ڪندڙن وچ ۾ هن نئين پراڻي ٽائيم تي گڙ ٻڙ ٿيڻ جون خبرون چارون گردش ۾ آهن.وڏي ڳالهه ته آفيسن جا ملازم جيڪي پنهنجي وقت سر حاضر ٿين ٿا، تن کي به وڌيڪ تڪليف ٿئي ٿي، پر ڇا ڪجي جو سرڪار کي ڏينهن جي روشني مان وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ڪرڻو آهي، تنهن فيصلي کي اوس قبولڻو پوندو، پوءِ ڀلي لوڊشيڊنگ جو عذاب گهڻو وڌي وڃي ته وڌي وڃي اسان کي نئين ٽائيم تي هلڻو پوندو، جيئن سرڪار جي فيصلي جو ڀرم رهجي اچي ۽ هن عمل سبب ملڪ کي ڪي فائدا ملي پون ته خوشي ٿيندي. منظور ڪالرو/فراز ولاز حيدرآباد انٽرنشپ ڪندڙن کي بيروزگار نه ڪريو! گذريل حڪومت گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ بيروزگار نوجوانن کي پري سروس اهل بنائڻ لاءِ جيڪو ”نيشنل انٽرنشپ پروگرام“ شروع ڪيو، ان پروگرام تحت گريجوئيٽ بيروزگارن کي سندن تعليمي قابليت موجب مختلف کاتن ۾ بطور ٽرينيز هڪ سال لاءِ رکيو ويو ته جيئن اهي پنهنجي فيلڊ ۾ مهارت حاصل ڪري سگهن. انهيءَ سان ٽرينيز کي پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ جو ڀرپور موقعو ملي ٿو ۽ گڏوگڏ وظيفي جي صورت ۾ ملندڙ پگهار ذريعي هو پنهنجي خاندان جي مالي سپورٽ به ڪري ٿو. آئون به نيشنل انٽرنشپ پروگرام تحت ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ بطور ليڪچرار گذريل يارنهن مهينن کان ڪم ڪري رهيو آهيان. هاڻ جڏهن هڪ سال جو ڪانٽريڪٽ پورو ٿي رهيو آهي، تڏهن مختلف ڊپارٽمينٽس طرفان ٽرينيز کي رليو ڪيو پيو وڃي، پر ڪجهه ڊپارٽمينٽ انهن ٽرينيز کي صلاحيتن جي آڌار تي پنهنجي پاران مستقل ڪري کين خدمتون جاري رکڻ جو چيو آهي، جيڪا تمام سٺي ڳالهه آهي. انهيءَ سان خالي جايون تجربيڪار نوجوانن ذريعي ڀرجي وينديون. اسان تعليم کاتي ۾ ڪم ڪندڙ ٽرينيز وزير تعليم پير مظهرالحق کي گذارش ٿا ڪريون ته اسان کي بجاءِ رليو ڪرڻ جي مقرري جا آرڊر ڏئي بيروزگار ٿيڻ کان بچايو وڃي. ڀاڳچند مينگهواڙ/نئون آباد بند پيل 900 اسڪول ڪڏهن کلندا؟ هڪ سروي موجب ضلعي ٿرپارڪر جي چئن تعلقه ڇاڇرو، ننگر پارڪر، مٺي ۽ ڏيپلو ۾ 3565 اسڪول آهن، جن ۾ 900 اسڪول پڙهائي نه هئڻ جي ڪري بند پيل آهن. ٻيا ڪيترائي اهڙا اسڪول آهن، جيڪي صرف ڪاغذن جي ڪارروائي ۾ لکيل ڏيکاريل آهن، جڏهن ته ٽوٽل شاگردن جي انرولمينٽ 146016 ڏيکاريل آهي. داخل شاگردن جي ڪل شرح 18.32 سيڪڙو آهي، جنهن ۾ ڇوڪرين جي شرح 6.71 سيڪڙو آهي. اسڪولن جي بند ٿيڻ جو سلسلو گذريل سورنهن سالن کان هلندو پيو اچي. گذريل سنڌ حڪومت تعليم جي واڌاري لاءِ مهم هلائي هئي، جنهن مهم ۾ ڪروڙين رپيا صرف اشتهارن جي مد ۾ خرچ ڪيا ويا هئا. انهن اشتهارن ۾ اڳوڻي وڏي وزير ارباب رحيم ۽ تعليم واري صوبائي وزير حميده کهڙو جا پيغام شايع ٿيندا رهيا هئا. ڪيتريون ئي ريليون نڪتيون ۽ سيمينار ٿيا، پر علائقي جي ماڻهن جي بدنصيبي هئي جو ايترو ڪجهه هئڻ باوجود ضلعي ٿر جا 900 کان به وڌيڪ اسڪول اڄ ڏينهن تائين بند پيل آهن. يعني پوري پاڪستان ۾ هلندڙ تعليم عام جو شوشو ٿر جي غريب ۽ مسڪين ماروئڙن کي ڪو به لاڀ ڏيئي نه سگهيو آهي. ٿر جي ڇهن کان ٻارنهن سالن جي عمر جا 80 سيڪڙو ٻار سنڌ جي مختلف شهرن حيدرآباد، ڪراچي ۾ هوٽلن يا بنگلن تي مزدوري ڪندي نظر ايندا آهن. ٿر جي چئن ئي تعلقن جا سمورا بند پيل اسڪول کولرايا وڃن ۽ جيڪي ماستر گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن، انهن کي انهيءَ شعبي مان فارغ ڪيو وڃي. يار محمد راهمون/ڇاڇرو پورهيتن جي پگهار ۾ ٿيندڙ ڪٽوتي! ٺٽو شگر مل اندر مختلف کاتن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن مان اهي پورهيت جيڪي ٺٽي ضلعي جي تعليم کاتي ۾ چوڪيدار، پٽيوالي ۽ ٻين پوسٽن تي ڪم ڪندڙ آهن، انهن پورهيتن جي ماهوار پگهار مان هر مهيني هڪ هزار رپيا ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي. اهڙي ڪٽوتي جي جڏهن اي ڊي او (تعليم) کي دانهن ڏني ويئي ته هن ٻڌايو ته هي ڪٽوتي فنانس ڊپارٽمينٽ ڪري ٿي، اسان جو هن سان ڪو به واسطو ڪونهي. متاثر ٿيندڙ پورهيتن جو ان ڏس ۾ چوڻ آهي ته سندن ٻين ساٿين جي ماهوار پگهار مان ڪٽوتي نٿي ٿئي، صرف تعليم کاتي ٺٽي ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي پگهار مان 1000 رپيا ڪٽيو وڃي ٿو. اعليٰ اختيارين کي گهرجي ته هن زيادتي جي تحقيقات ڪرائي وڃي. نظام الدين بروهي/ٺٽو ڇا وزيرن جي هٿ ۾ ڪجهه به ناهي؟ سنڌ ۾ اهو پهاڪو مشهور آهي ته ”ادو مئو ادي ڄائي، اسين اوتري جا اوترا“ سو قائد ليگ مان جان ڇٽي، چيوسين ته پ پ حڪومت عوام جي خدمت ڪندي. پر مڙوئي خير لڳو پيو آهي. ڪافي مهينا گذري ويا آهن، پر عوامي جي ڪا به سار ناهي لڌي وئي، اڃا تائين به هر شيءِ جو بحران لڳو پيو آهي. قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي طرفان ڏنل سنڌ کي عظيم تحفو سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ ٽي مهينا ٿيا آهن، جو يونيورسٽي جا ملازم، شاگرد توڙي ٻيو عملو سراپا احتجاج آهن، پر هنن جي ڪير ٻڌي به نٿو. هنن جو مطالبو صرف اهو آهي ته وي سي نه کپي، پر وي سي پنهنجو پاڻ کي مضبوط رکيو ويٺو آهي، ايتري قدر جو يونيورسٽي جي ملازمن ريفرينڊم جي ذريعي به وي سي کي رد ڪيو، پر وي سي جي ڄڻ ته وار کي به لوڏو نه آيو. ان عرصي دوران تدريسي عمل سخت متاثر ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هزارين شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي، پر حڪومت جو ڪو به نمائندو ٽنڊو ڄام وڃڻ جي همت ئي نٿو ڪري. سنڌ جي گادي واري شهر ۾ ته تعليمي ادارا اسان سنڌين لاءِ اوپرا بڻجي ويا، پر حيدرآباد، ڄامشورو، ٽنڊو ڄام به اسان کان پري ٿيندي نظر اچي رهيا آهن. آخرڪار سنڌ حڪومت ڪري ڇا پئي، صرف اجلاسن تائين محدود يا ميٽنگن ڪرڻ ۾ مصروف!؟ وزير اهو ٻڌائين ڇو نٿا ته اصل اختيار ڪنهن وٽ آهن ۽ اوهين بي اختيار ڇو آهيو؟ ڇا زرعي يونيورسٽي جو وي سي به هنن کان ڏاڍو آهي؟ علي نواز چانگ/بدين ٻيهر ٽيسٽ ڇو؟ سنڌ جي تعليم واري وزير پير مظهرالحق هڪ اخباري بيان ۾ چيو آهي ته آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ 60 سيڪڙو تائين مارڪون نه کڻندڙن کي کپي ته اهي ٻيهر ٽيسٽ جي تياري ڪن. وزير تعليم جو اهو بيان پڙهي سنڌ جي پنجويهه هزار آءِ بي اي پاس اميدوارن ۾ سخت مايوسي ڇائنجي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته انهن بيروزگار نوجوانن جون هن عوامي حڪومت سان تمام گهڻيون اميدون وابسته آهن. شهيد راڻي جي نعري ”بينظير آئي گي، روزگار لائي گي“ کي تمام گهڻو ڇيهو رسيو آهي. پر شايد اختيارين پنهنجا نواز پاليسي ۽ ميرٽ جي قتل ڪرڻ جو رٿيو آهي. ڇا ٻيهر ٽيسٽ لاءِ به پنجاب يا ٻين صوبن کان ماڻهن کي گهرايو ويندو؟ ڇا هاڻ تعليم جي شعبي ۾ ٻين شعبن جيان ٻين صوبن جا ماڻهو ڀرتي ڪيا ويندا؟ اسان سڀني آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جي سنڌ جي وڏي وزير، وزير تعليم، قومپرست ڌرين، هيومن رائيٽس ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي نمائندن کي گذارش آهي ته اهي سڄي سنڌ جي پنجويهه هزار خاندانن ۾ پيدا ٿيل روشني جي ڪرن کي اجهائڻ کان بچائين ۽ حڪومت پاران ٻيهر ٽيسٽ جي اعلان کي رد ڪرائي سڀني آءِ بي اي پاس اميدوارن کي آفر آرڊرز ڏيارڻ جي جدوجهد ۾ اسان جو ساٿ ڏين. اسحاق نوهڙي/عمرڪوٽ |
|
|