روزاني ڪاوش - هائيڊ پارڪ _ اڄ جي بهترين لکڻي |
|
ڇا هيل آبادگارن کي فصل جو مناسب اگهه ملي سگھندو؟
ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان وٺي گذريل ڪجھه ڏهاڪن تائين پاڪستان جي 70 کان 80 سيڪڙو آبادي زراعت سان وابسته رهي آهي، پر هاڻ ان ۾ ڪنهن حد تائين گهٽتائي آئي آهي، جيڪا 50 کان 55 سيڪڙو تائين پهتي آهي، انهيءَ جا هونئن ته ڪيئي ڪارڻ آهن، پر هڪ زرعي ملڪ هئڻ باوجود هن وقت تائين آيل حڪومتن پاران زرعي سڌارن جي حوالي سان ڪو به جامع پروگرام نه ٺاهيو ويو ۽ نه ئي زرعي سڌارن تي ڪو خاص ڌيان ڏنو ويو، جنهن سبب مسلسل ملڪ جي زراعت پوئتي پئجي رهي آهي، اسان وٽ اڪثر انتظاميه پاران غير ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ سبب جڏهن به ملڪ ۾ فصل تيار ٿي مارڪيٽ ۾ اچي ٿو ته ان جا اگھه يڪدم گھٽجي وڃن ٿا، جنهنجو فائدو واپارين ۽ لاڳاپيل انتظاميه کي ته ٿيندو رهيو آهي، پر آبادگار طبقو هر ڀيري نا انصافي جو شڪار ٿئي ٿو. جيڪڏهن ويجھڙائي ۾ ان نا انصافي جو جائزو ورتو وڃي ته گذريل سال مرچن جو اگھه 10 هزار رپيا في مڻ تائين پهتو، پر اهي اگھه تڏهن وڌيا، جڏهن آبادگار مرچن کي وڪرو ڪري واپارين کي ڏنو، جنهنڪري مرچن جي وڌيل اگهه جو سمورو فائدو واپارين کي پهتو، جڏهن ته هن ڀيري آبادگارن سٺو اگهه ملڻ جي آسري ۾ وڌ ۾ وڌ مرچ پوکيا ۽ مارڪيٽ ۾ آبادگارن جو فصل اچڻ شروع ٿيو ته يڪدم ان جو اگھه 2800 رپين تائين پهچي ويو آهي ۽ آبادگار انهيءَ اگهه تي مرچ کپائڻ تي مجبور آهي، جڏهن ته ڦٽيءَ ۽ سارين جا فصل لهڻ مهل به آبادگارن ساڳي پريشاني کي منهن ڏنو. ان وقت جڏهن موجوده حڪومت ڪڻڪ جو فصل وڌ ۾ وڌ پوکڻ لاءِ مهم هلائي آهي ۽ وزيراعظم پاڪستان ايڊوانس ڪڻڪ جو اگهه 950 رپيا مقرر ڪيو آهي، اهو بظاهر ته آبادگارن لاءِ هڪ ساراهه جوڳو فيصلو آهي، پر آبادگارن کي حقيقي فائدو تڏهن ملندو، جڏهن وزير اعظم پاران مقرر ڪيل اگهن تي عمل ٿيندو، انهيءَ ڪري حڪومت کي ڪڻڪ جو مناسب اگهه آبادگارن کي مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ تڪڙا ۽ جوڳا اپاءَ وٺڻ جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ سڀ کان پهرين بارداني جي يقيني فراهمي سان گڏوگڏ مارڪيٽ ۾ سرڪاري اگھن تي عمل ڪرائڻ سان ئي آبادگارن کي فائدو ملي سگهندو، ان کان علاوه حڪومت کي گھرجي ته آبادگارن کي مناسب اگھه تي معياري ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن عوام وڌ کان وڌ زراعت جي شعبي تي ڌيان ڏئي. محمد رحيم چانيهون/بانڪو چانيهون (کپرو) |