روزاني ڪاوش - هائيڊ پارڪ _ اڄ جي بهترين لکڻي |
|
ڀٽائي ۽ سنڌ ويٺا روئن پاڻ ۾ اڄ سنڌ نه صرف انيڪ بنيادي مسئلن ۾ جڪڙيل آهي، پر ڌارين آبادڪاري، پاڻي جو مسئلو، صوبائي خودمختياري جو مسئلو، وسيلن جي ڦرلٽ، بيروزگاري ۽ بدامنيءَ جهڙ ا سڀ جا سڀ مسئلا سنڌ کي ڏينهون ڏينهن پوئتي ڌڪڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي وجود لاءِ پڻ خطرو بڻجي چڪا آهن. جڏهن ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾صحت ۽ تعليم کان ويندي بنيادي سهولتون اڻلڀ آهن ۽ سنڌ جا تاريخي ماڳ مقام لاوارث حالت ۾ ڊهي ختم ٿي رهيا آهن، وفاقي کاتن ۾ سنڌين جو تعداد اڄ به اٽي ۾ لوڻ برابر آهي، جنهن جو سبب اهو ڄاڻايو ويندو آهي ته سنڌي گهر ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن ۽ انهن ادارن ۾ ڪم ڪرڻ جي اهل ناهن، معنيٰ نا اهل آهن، نتيجي ۾ سنڌي نوجوان موقعا نه ملڻ ڪري پنهنجين صلاحيتن جو استعمال نٿا ڪري سگهن، اهو ئي سبب آهي، جو سنڌ جي 65 فيصد آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي پئي گذاري، اهڙي صورتحال ۾ جڏهن ڪا به راهه ۽ وسيلو نظر نٿو اچي، تڏهن ڦري اچي انهيءَ نقطي تي بيهڻو ٿو پوي، جتي صحافي علي قاضي بيٺل آهي ته ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ اهڙي صورتحال ۾ ڪجھه ڪرڻ لاءِ ظاهر آ ته جدو جهد ئي ڪرڻي پوندي، پر ڪهڙي طريقي سان ۽ ڪيئن اهو خود اسان کي ئي تعين ڪرڻو پوندو، ڇو ته مسئلو ئي نج اسان جو يعني پيڙهيل طبقي جو آهي، پر هن مهل صورتحال اها آهي ته ڪلهن مٿان ڪنڌ، رکيو سڄي راتڙي، ڀٽائي ۽ سنڌ ويٺا روئن پاڻ ۾. صدام حسين درس/تڙدوس (ٿر) |