ڪراچي (ڪلچرل رپورٽ)

ڪي ٽي اين جو لطيفي لات تي ٻڌل ”راڻل جي رهاڻ“اڄ ٽيليڪاسٽ ٿيندي

ڪراچي (ڪلچرل رپورٽ) ڪي ٽي اين جو لاکيڻي لطيف جي شاعري تي ٻڌل صوفياڻو پروگرام ”راڻل جي رهاڻ“ اڄ  شام 10:7 منٽن تي پيش ٿيندو، محمد  ايوب گاد جي ڊائريڪشن هيٺ هن پروگرام جو مقرر شوڪت خاصخيلي آهي، جڏهن ته شاهه سائين جي شاعري تحت اللفظ ۾ حفصه خان پڙهي آهي، سنجيده حلقن ۾ ڀرپور موٽ ماڻيندڙ ”راڻل جي رهاڻ، پروگرام ۾ شاهه جي شاعري جي تشريح سان گڏ انگريزي ترجمو ۽ مختلف واين جي خوبصورت  پڪچرائيزيشن به ڪئي وئي آهي، شاهه جي شاعري ۾ ڄاڻايل ڪردارن طور نورين جاويد، نيلو خان، انيلا قاضي ۽ راڻي عباسي ماڊلنگ ڪئي آهي، خاص طور تي پروگرام جي هڪ وائي ”شادي جو سينگار آيل مرڪ منهنجو مون پرين“ کي سنڌي  ۽ اردو ٻولين ۾ گڏ ڳايو ويو آهي،  اها  وائي مهناز ۽ ديبا سحر ڳائي آهي، انهي جو اردو ترجمو ”ميرا هار سينگار“ آغا سليم ڪيو آهي،  پروگرام ”راڻل جي رهاڻ“ جي حوالي سان ڊائريڪٽر محمد ايوب  گاد ڪاوش کي ٻڌايو ته هي پروگرام خاص طور تي ڀٽائي سائين جي انسانيت ۽ امن جي پيغام کي فروغ ڏيڻ  جي هڪ ڪوشش آهي، مون کي ڏسندڙن کان ڀرپور موٽ ملي آهي.