|
آمريڪي ماڊل رسلانا عمارت تان
ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي
نيويارڪ(مانيٽرنگ
ڊيسڪ) آمريڪي شهر نيويارڪ ۾ 20 ورهين جي ماڊل رسلانا ڪورشيونا
9 ماڙ عمارت تان ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي، رسلانا جي خودڪشي
جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي، مقامي ميڊيا جي رپورٽن موجب
پوليس جو چوڻ آهي ته سندس خودڪشي جو سبب معلوم ڪيو پيو وڃي،
جڏهن ته پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر پڻ ڪنهن به نتيجي تي پهچي نه
سگهيا، سندس دوستن موجب واقعي واري هنڌ تان لکت ۾ اهڙي ڪابه
شيءَ ناهي ملي سگهي، جنهن مان سندس خودڪشي جو ڪارڻ معلوم ٿي
سگهي.
|