|
سنجو بابا
پاران سياست جوگورک ڌنڌو شروع ڪرڻ جو اعلان
ممبئي (ڪلچرل
رپورٽ) بالي ووڊ اسٽار سنجو بابا اداڪاري ۽ گلوڪاري کان پوءِ
هاڻي سياست جو گورک ڌنڌو شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، هڪ
ڀارتي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن
پارٽي کيس ٽڪيٽ ڏني ته هو چونڊ وڙهڻ لاءِ تيار آهي، واضح رهي
ته سنجو بابا جو والد سنيل دت ۽ ڀيڻ پريادت سياسي افق تي
پنهنجا رنگ چٽي چڪا آهن.
|