|
هڪ عورت هٿان مون کي بيوفائيءَ
جي چوٽ ملي آهي: امانت مغل
ڪراچي(ڪلچرل
رپورٽ) ڪي ٽي اين جي اداڪار امانت مغل چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو
هن دنيا جا نه هوندي به اتفاق سان دنيا ۾ اچي نڪرندا آهن ۽
دنيا جي رسمن، رواجن ۽ طور طريقن جي سانچي ۾ فٽ نه ٿيڻ ڪري
دنيا کان پري ٿي ويندا آهن ۽ مان به انهن مان آهيان. لنڊن مان
”ٰڪاوش“ سان ٰڳالهائيندي امانت مغل چيو ته مان پنهنجي ڪردارن ۾
سماج جي مڪروهه چهرن جا داغ ظاهر ڪرڻ لاءِ آيو هئس ۽ پاڻ نه
صرف سڙيل چهري پر زخمي دل سان پرديس ۾ علاج لاءِ ترسيل آهيان.
هن چيو ته مون هميشه عورت جي عزت ۽ احترام جو خيال رکيو پر هڪ
عورت هٿان مون کي نه صرف بيوفائي جي چوٽ پهتي پر چهرو به
کسجي ويو. امانت مغل چيو ته هن وقت سڙيل چهري جو علاج هلي
رهيو آهي ۽ چهري جا گهاوَ ڪافي ڀرجي چڪا آهن، ڏاڙهي ۽ مڇون
لڳايون ويون آهن، باقي ڳل، نڪ ۽ ڪن جو آپريشن به تمام جلد
ٿيڻ وارو آهي.
|