|
دادو لڳ ڳوٺ تي پوليس
چڙهائي،تلاشي،ڳوٺاڻن جي مزاحمت،گهر کي باهه،4 ڄڻا گرفتار
دادو/ٽنڊو
محمد خان (نمائندن وٽان) دادو لڳ ڳوٺ ٻانڌي سيال ۾ حيدرآباد،
ٽنڊو ڄام ۽ دادو پوليس ڇاپو هڻي حيدرآباد بئنڪ ۾ ڏيڍ ڪروڙ جي
ڌاڙي جي ڪيس ۾ الزام هيٺ آيل غلام عباس سيال جي ڀاءُ امام بخش
سيال،اصغر علي سيال،معشوق سيال ۽ جاويد سيال کي گرفتار ڪري
ورتو، 6 موبائيلن ۾ سوار اهلڪارن پاران ڳوٺ جو گهيراءَ ڪرڻ
دوران پوليس ۽ ڳوٺاڻن وچ ۾ چڪريون به ٿيون، جنهن دوران ڄام
سيال جي گهر کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، عورتن ۽ مردن لٺيون ۽
هٿيار کڻي پوليس سان مهاڏو اٽڪايو بعد ۾ وڌيڪ پوليس اٽالا
گهرائي چوطرف گهيراءُ ڪرڻ بعد عباس سيال، ڄام سيال ۽ ٻين جي
گهرن جي تلاشي ورتي وئي، بعد ۾ پوليس گرفتار ٿيل 4 ڄڻن کي پاڻ
سان کڻي وئي، جنهن خلاف عورتن ۽ مردن پاران پوليس خلاف سخت
احتجاج ڪيو ويو، مسمات نصيبان،درياءَ خان ۽ امامزادي ڪاوش کي
ٻڌايو ته پوليس بيگناهه سندن گهرن ۾ گهڙي هڪ گهر کي باهه ڏني ۽
کين مارڪٽ پڻ ڪئي، مامري جي جاچ ڪرائي کين انصاف ڏياريو وڃي،
جڏهن ته آپريشن جي اڳواڻي ڪندڙ ايس پي او ٽنڊو ڄام ايوب بروهي
ڪاوش کي ٻڌايو ته بئنڪ ڌاڙي ڪيس ۾ عباس سيال گهربل آهي، ان
پاران گهر ۾ پئسا لڪائڻ ۽ سندس ساٿاري هتي لڪل هئڻ جي اطلاع تي
پهتا آهيون، ڪارروائي کان بچڻ لاءِ گهر کي پاڻ ڳوٺاڻن باهه ڏني
آهي ۽ پوليس تي فائرنگ پڻ ڪئي آهي، سپاف حيدرآباد ڊويزن جي
اڳواڻ نظير احمد سيال جي مداخلت تي پوليس ۽ ڳوٺاڻن وچ ۾ چڪريون
ختم ٿيون ۽ گهرن مان تلاشي وٺڻ بعد پوليس واپس رواني ٿي وئي،
حيدرآباد جي بئنڪ ۾ ڏيڍ ڪروڙ جي ڌاڙي جي الزام هيٺ آيل دادو
واسي غلام عباس سيال جي گرفتاري لاءِ ٽنڊو محمد خان، حيدرآباد
۽ دادو پوليس جي 4 ٽيمن پاران هڪ ئي وقت چئن هنڌن تي ڇاپا هنيا
ويا، معلوم ٿيو آهي ته پوليس آپريشن کي انتهائي ڳجهو رکڻ خاطر
هڪ هنڌ جي پوليس کي ٻئي شهر ۾ موڪليو ويو، جنهن وقت ٽنڊو محمد
خان مان پوليس غلام عباس سيال کي گرفتار ڪيو ته ان وقت پوليس
عباس جي ڳوٺ پانڌي سيال ۾ سندس گهر جو گهيراءُ ڪري بيٺل هئي،
ڳوٺاڻن ۽ پوليس وچ ۾ چڪرين دوران پوليس پاران ساڳي ڳوٺ ۾ هڪ
صوبيدار خدا بخش سيال جي گهر جو پڻ گهيراءُ ڪري تلاشي ورتي،
پوليس پاران ڳوٺ پانڌي سيال ۾ سرچ آپريشن ۾ 4 ڄڻن جي گرفتاريءَ
بعد پوليس کي گرفتار ٿيلن جي نشاندهيءَ تي پتو پيو ته بئنڪ جا
ڦر ٿيل پئسا دادو آسپاس جي ڪنهن ڳوٺ ۾ لڪايل آهن، جنهن تي واپس
ويل پوليس جا اٽالا ٻيهر دادو پهتا ۽ هنن مختلف ڳوٺن ۾ ڇاپا
هڻي لڪل ڏيڍ ڪروڙ رپين جي ڳولا ڪئي ۽ گهرن جا سمورا سامان ٽيڙي
پکيڙي ڇڏيا، آخري اطلاعن تائين پوليس کي ڦريل رقم هٿ نه اچي
سگهي، معلوم ڪرڻ تي آپريشن جي اڳواڻي ڪندڙ ايس پي او ايوب
بروهي ڪاوش کي ٻڌايو ته رقم دادو جي آسپاس لڪايل آهي، ڏس ملي
ويو آهي، جلد رقم هٿ اچي ويندي. ٻئي طرف حيدرآباد کان آيل
پوليس اهلڪارن ٽنڊو محمد خان پوليس جي مدد سان ٽنڊو محمد
خان جي اسٽين روڊ تي هڪ ڪار کي گهيري ۾ آڻي منجهس سوار غلام
عباس سيال کي سوگهو ڪري ورتو، پوليس سندس هٿ پير ۽ اکيون
ٻڌي حيدرآباد کڻي وئي. |