روزانه ڪاوش

ماٿيلو لڳ پوليس ايس ايڇ او خلاف پٽيشن داخل ڪرائيندڙ ڳوٺاڻي کي کنڀي وئي

گهوٽڪي(ن ڪ) ميرپورماٿيلو لڳ جروار ۾ پوليس هڪ گهر تي ڪاه ڪري محمود بوزدار ۽ عباس بوزدار کي گرفتار ڪري چوڪي جي ڪوارٽر ۾ بند ڪري ڇڏيو جڏهن ته پوليس يارولنڊ ميرپورماٿيلو وايه جروار روڊ تي هلندڙ هڪ بس به ڪاهي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي، ان سلسلي ۾ متاثر ماڻهن غلام بوزدار جي اڳواڻي ۾ گهوٽڪي ۾ صحافين جي اڳيان احتجاج ڪندي الزام هنيو ته ڪجهه وقت اڳ پوليس اسان جي گهر تي ناحق ڪاه ڪري ڦرلٽ ڪئي هئي جنهن خلاف محمود بوزدار گهوٽڪي جي عدالت ۾ ايس ايڇ او ميرپورماٿيلو ۽ ٻين اهلڪارن جي خلاف ڪيس لاءِ پٽيشن داخل ڪرائي هئي جنهن تان هٿ کڻائڻ جي لاءِ اسان جي خلاف پوليس رڻ ٻاري ڏنو آهي هنن الزام هنيو ته پوليس محمود ۽ عباس بوزدار جي مٿان سخت تشدد ڪيو آهي.