|
روزانه ڪاوش |
|
لکي لڳ هٿياربندن جي ويگن مسافرن کان ڦر،ٿاڻي آڏو ڌرڻو لکي غلام شاهه (ن ڪ) لکي غلام شاهه لڳ عبدو ڳوٺ ڀرسان عبدو واهه وٽ 8 هٿياربندن سکر کان چڪ ويندڙ مسافر ويگن کي روڪي مسافرن کي يرغمال بڻائي هزارين رپيا روڪ، 10 موبائيل فون ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري ورتو، جڏهن ته مزاحمت تي هٿياربندن مسافرن کي مارڪٽ ڪئي، بعد ۾ هٿياربند فرار ٿي ويا، ويگن ڊرائيور ۽ مسافرن ڦر خلاف چڪ ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو، ياد رهي ته هڪ رات اڳ ۾ به سکر-شڪارپور روڊ تي ويگن مسافرن کان پڻ هزارين رپين جي ڦر ٿي هئي.
|