|
روزانه ڪاوش |
|
موري ۾ جوابدارن همراهه کي دعوت تي گهرائي قتل ڪري ڇڏيو مورو(ن ڪ) موري ۾ جوابدارن همراهه کي ماني جي دعوت جي بهاني گهرائي کيس قتل ڪري ڇڏيو. ڪيس داخل، رپورٽ موجب موري شهر جي وارڊ نمبر 4 ملڪ ڪالوني ۾ جوابدار 50 سالن جي امام بخش چانڊيو کي ماني جي دعوت بهاني گهرائي کيس ڪهاڙيون هڻي قتل ڪري گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا. هوڏانهن سڄي رات گهر نه پهچڻ تي مقتول جو پٽ گل شير جاچ ڪرڻ لاءِ جوابدارن جي گهر پهتو ته کيس پنهنجي پيءُ جو لاش مليو، بعد ۾ موري ٿاڻي تي مقتول جي پٽ جي فرياد تي 5 ڄڻن جاني، ابراهيم، گل چانڊيو ۽ 2 نامعلومن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. ٻئي طرف مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ مقتول جي پٽ گل شير ٻڌايو ته جوابدار اسان جا عزيز آهن، ڪابه دشمني ناهي، خبر ناهي بابا کي ڇو قتل ڪيو ويو آهي.
|
|
|