|
ناهيد جي امڙ راضيديري جرڳي کي
جڙتو قرار ڏئي ڇڏيو،پوليس سرپئنچ کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام
خيرپور/گمبٽ/سوڀو ديرو (نمائندن وٽان) راضيديري لڳ جرڳو ڪري
ناري کي ڪاري قرار ڏئي قتل جي فتويٰ ٻڌائيندڙ سرپئنچ کي پوليس
گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام، هٿ آيل ناري ۽ گرفتار جوابدارن کي اڄ
عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، ناري جي مڙس، سهري ۽ ٻارن جا بيان
قلمبند، عورت جي ماءُ ناٺي خلاف احتجاج، ان ڏس ۾ 5 ڏينهن اڳ
راضيديري لڳ ڳوٺ صوبدار لاشاري ۾ مقامي زميندار ميان عاشق
عباسي پاران ڪارنهن الزام جو جرڳو ڪري ناري ناهيد کي ڪاري قرار
ڏئي کيس قتل ڪرڻ جي فتويٰ ٻڌائي هئي، جيڪو اڃا تائين گرفتار
ناهي ٿي سگهيو، جڏهن ته پوليس جرڳي ڪيس ۾ سرپئنچ جي ٻن پٽن،
ناري جي 3 مامن سميت 7 جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، جن کي اڄ
عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، هوڏانهن پوليس موجب مفرور سرپئنچ جي
گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، ٻئي طرف
سوڀوديرو پوليس موجب ناري ناهيد کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪري بيان
ڏياريو ويندو، جڏهن ته ايس ايڇ او اڳڙا غلام حسين منگي جو چوڻ
آهي ته جيستائين جاچ پوري نه ٿيندي، ناري کي عدالت ۾ پيش نه
ڪيو ويندو، جڏهن ته ناري جي مڙس غلام عباس، سهري ۽ ٻارڙي
فرزانه جا بيان قلمبند ڪيا ويا آهن، هوڏانهن ناري ناهيد جي
پيرسن امڙ نصيبان لاشاري پريس ڪلب پيرڳوٺ پهچي دانهيو آهي ته
منهنجي ڌيءُ ڪجهه سال اڳ غلام عباس لاشاري سان شادي ڪئي هئي پر
مڙس ۽ سهرو مٿس تشدد ڪندا هئا، جنهن ڪري ڪجهه ڏينهن اڳ ناهيد
مڙس جو گهر ڇڏي مون وٽ رهي طلاق وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي سندس
مڙس ۽ سهري کيس ڪارنهن جو ڪوڙو الزام ڏئي جرڳي جو ڊرامو رچائي
اسان جي ويجهي عزيزن کي گرفتار ڪرايو آهي، هن ڊي آءِ جي سکر ۽
ٻين کان انصاف جي گهر ڪئي آهي، هوڏانهن ڊي پي او خيرپور پير
محمد شاهه چيو آهي ته هن مامري ۾ ڪنهن به بااثر جي مداخلت
برداشت نه ڪئي ويندي ۽ عدالتي حڪمن تي عملدرآمد ڪرايو ويندو.
|