|
روزانه ڪاوش |
|
زرينا ڪنهن کي به ڏنل نه هئي (گهوٽ)منهنجي مڱ هئي:جوابدار محمود قمبر:قمبر وچ شهر ۾ شادي کان هڪ ڏينهن اڳ بيدردي سان قتل ٿي ويل ڪنوار زرينا ٽوٽاڻي جي مڱيندي محمد رمضان بروهي ”ڪاوش“ کي ٻڌايو ته آئون پهريان پنهنجي ساهرن جي زمينن جو سنڀالو ڪندو هئس، جنهن کانپوءِ مون کي مسمات شانل ٽوٽاڻي پنهنجي ڌي زرينا جو سڱ ڏنو ۽ ان عيوض مون کان 2 لک رپيا ۽ ڀيڻ جو سڱ ورتو هو، ڪالهه منهنجي شادي رٿيل هئي ته جوابدار محمود ٽوٽاڻي پنهنجي ساٿين سان گڏ منهنجي زال زرينا ٽوٽاڻي ۽ ان جي ڀيڻ عابده ٽوٽاڻي کي بيگناهه قتل ڪري ڇڏيو، هن چيو ته زرينا ڪنهن کي به ڏنل نه هئي ۽ نه ئي ڪنهن جي مڱ هئي، جوابدار محمود ٽوٽاڻي اجايا الزام هڻي رهيو آهي، هوڏانهن واقعي جي مک جوابدار محمود ٽوٽاڻي ”ڪاوش“ سان رابطو ڪندي چيو ته زرينا ٽوٽاڻي جو سڱ مون کي سندس پيءُ جمع خان ٽوٽاڻي 8 سال اڳ ڏنو هو ۽ 2 لک ورتا هئا، بعد ۾ آئون دبئي ڪمائڻ ويس ته پويان منهنجي سس منهنجي مڱيندي زرينا جو سنڱ لالچ ۾ اچي پئسن عيوض رمضان بروهي کي ڏنو، جنهن ڏي منهنجي ماءُ 3 دفعا پاڪ ڪتاب کڻي وئي ته تون اهو سڱ نه وٺ اهو سڱ اسان کي ڏنل آهي پر هو نه مڙيو ۽ ڏاڍ ڪري منهنجي مڱيندي جو سڱ ورتو، مون غيرت ۾ اچي زرينا ۽ ان جي ڀيڻ عابده کي قتل ڪيو، جنهن تي مون کي ڪو به پڇتاءُ ڪونهي، جڏهن ته رمضان بروهي منهنجو ڪارو آهي ان کان به حساب وٺندس.
|