روزانه ڪاوش

اوڍا-الرا تڪرار جي خاتمي لاءِ پريالوءِ لڳ پوليس آپريشن،ڳوٺن تي چڙهايون،11 ڄڻا گرفتار

پريالوءِ/پير جو ڳوٺ (نمائندن وٽان) پريالوءِ لڳ هلندڙ اوڍا-الرا خوني تڪرار سبب پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ختم ڪرائڻ لاءِ پوليس جو آپريشن،11 ڄڻا گرفتار، ڪچي  واري علائقي  الرا  جاگير ۾ هلندڙ اوڍا- الرا خوني تڪرار دوران عيد جي ٻئي ڏينهن ٿيل جهيڙي ۾ ٽن ڄڻن جي  قتل کانپوءِ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽  ڪيسن ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف  ٿاڻن جي پوليس ڳوٺ پڪا الرا، ديواني الرا، ڳوٺ سليمان الرو، ڳوٺ محمد حيات الرو، قائم خان اوڍو، حاجي ميرل اوڍو، معصوم اوڍو ۽ ملهار اوڍو سميت ٻنهي ڌرين جي ڳوٺن تي چڙهايون  ڪيون، جنهن دوران پوليس اوڍا برادري جي ٽن ڄڻن امتياز حسين، غلام  مصطفيٰ ۽ ذاڪر حسين اوڍو ۽ الرا برادري جي 8 ڄڻن  منير احمد،  حافظ  امان الله، رستم، شهزادو، عبدالغفار، سعيد احمد ۽ ٻين کي گرفتار ڪري  فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي،  رابطو ڪرڻ تي ايس پي او ڪيٽي پاڳارو ٻڌايو ته  ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جي خاتمي ۽ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ  آپريشن ڪيو ويو آهي،  اميد آهي ته ڪجهه ڏينهن اندر ڌرين کي فيصلي لاءِ  راضي ڪري وٺنداسين، ٻئي طرف برادري جي  چڱي مڙس ۽ يوسي نائب ناظم پريالوءِ عبدالحق اوڍو ٻڌايو ته  پوليس جي  ڪيل چڙهائي ۾ پوليس اسان جي 11 نوجوانن کي کنڀي وئي آهي،  هوڏانهن  الرا برادري جي عبدالحفيظ الرو، مير الرو ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته  اسان پوليس جي چوڻ تي پنهنجا ماڻهو پوليس حوالي ڪيا آهن ۽ پوليس   اسان جي گهرن ٻاهران پڪٽون قائم ڪيون آهن.