|
روزانه ڪاوش |
|
ڪشمور لڳ خانگي ڪمپني جي گاڏي ڪلٽي،هڪ ڄڻو فوت،12 زخمي ڪشمور(ن ڪ) ڪشمور ويجهو مزاري ڳوٺ وٽ هڪ خانگي ڪمپني جي گاڏي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ملازم نظر حسين ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته نظير احمد، اصغر علي، واحد بخش ۽ نظر محمد سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن مان 4 جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، زخمين کي ڪشمور جي مختلف خانگي اسپتالن ۾ داخل ڪرايو ويو آهي، فوتي ملازم پنجاب جي ڪوٽ ادو جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي.
|