روزانه ڪاوش

مهانگائي، جج بحال نه ڪرڻ ۽ بيروزگاري خلاف عوامي تحريڪ جا مظاهرا

حيدرآباد (نمائندن وٽان/پ ر) عوامي تحريڪ پاران مهانگائي، ججن کي بحال نه ڪرڻ، بيروزگاري، پاڻي جي کوٽ ۽ ٿر جو ڪوئلو وفاق حوالي ڪرڻ خلاف 7 ڏينهن تي ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ احتجاج ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ سانگهڙ ۾ سول اسپتال کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن به شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مهتاب ڏاهري، امير بخش مڱڻهار، شبنم چانڊيو خطاب ڪيو، نوشهروفيروز ۾ غلام حسين سومرو، نور نبي راڄپر جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، ميرپورخاص ۾ غفار ناريجو، ڪرڙ لٻاري، ڪامريڊ شگن ڀڳت جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي وئي، مٺي ۾ عارف جوڻيجو، گلزار اوٺو ۽ وسند ٿري جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، تنگواڻي ۾ سچل ملڪ، رب ڏنو ۽ اصغر ملڪ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، حيدرآباد ۾ ميران محمد شاهه روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي سجاد احمد چانڊيو، سرمد راڄپر، زاهد ملاح چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي عوام جون متيون منجهائي ڇڏيون آهن، پ پ حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آهي، هنن چيو ته ٿر جو ڪوئلو صرف ۽ صرف سنڌ جي ملڪيت آهي، وفاق پاران ٿر ڪول تي دعوى کي رد ڪيون ٿا، هنن مطالبو ڪيو ته بيروزگاري کي ختم ڪري ٿر جي ڪوئلي کي صرف سنڌ جي مالڪي هيٺ ڏنو وڃي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو اجلاس پارٽي جي سربراهه رسول بخش پليجي جي صدارت ۾ ڊي ٽين تي ٿيو، جنهن ۾ مرڪزي باڊي ٽوڙي شمع ڀٽي جي سربراهي ۾ نئين آرگنائيزنگ ڪاميٽي جوڙي وئي، جنهن جا ميمبر غلام فريد ڪلهوڙو ۽ هميرو مل هوندا، اليڪشن 17 آگسٽ 2008ع تي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ هادي ڀٽ طرفان جسٽس ڏوگر جو سکر اچڻ تي استقبال ڪرڻ ۽ استقباليا تقرير ڪرڻ تي کيس بروقت شوڪاز نوٽيس ڏيڻ کانپوءِ بنيادي ميمبر شپ ختم ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو.