سانگهڙ کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

عالمي قوتون پاڪستان لاءِ اهم فيصلا ڪري چڪيون آهن:بشير قريشي

حيدرآباد (پ ر) جسقم جي پاليسي ساز اداري جئمسٽ ڪائونسل جو اجلاس پارٽي چيئرمين بشير خان قريشي جي صدارت ۾ ڪراچي ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ ملڪي ۽  عالمي سياسي صورتحال جو جائزو وٺي فيصلا ڪيا ويا، اجلاس کي خطاب ڪندي بشير خان قريشي چيو ته  پاڪستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي پيو اهو  عالمي قوتن جي راند آهي، مشرف جي استعيفا عارضي خوشي جو سبب ٿيندي، هن چيو ته ملڪ جون اندروني  حالتون عالمي سياسي صورتحال جي ٽڪراءَ ۾ آهن، ان ڪري عالمي قوتون پاڪستان لاءِ اهم فيصلا ڪري چڪيون آهن،  هن چيو ته سنڌي ماڻهو عالمي صورتحال کي سمجهن ۽ وڏن شهرن خاص ڪري ڪراچي ۾ اچڻ جون تياريون ڪن، جسقم عنقريب ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهن کي آباد ڪرڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙيندي.