|
روزانه ڪاوش |
|
لکي غلام شاهه لڳ ڦر جي ڪوشش دوران پوليس پهچڻ تي هٿياربندن جي فائرنگ،ايس پي او شهيد شڪارپور/لکي غلام شاهه (رپورٽ:زاهد نون/رزاق بروهي) لکي غلام شاهه لڳ ويگن مسافرن کي ڦريندڙ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ لکي غلام شاهه جو ايس پي او شهيد ٿي ويو، رپورٽ موجب رات ساڍي ڏهين وڳي ڌاري لکي ڦاٽڪ ۽ جوڻيجا لاڙي جي وچ تي 6 کان وڌيڪ هٿياربند لاڙڪاڻي کان سکر طرف ويندڙ هڪ ويگن کي روڪي مسافرن کان ڦرلٽ لاءِ ڪچي ۾ لاهي ويا، واقعي وقت ايس پي او لکي ميهر علي لانگاهه به پوليس اهلڪارن سان گڏ اتي پهتو، جنهن ويگن کي روڪي ڪچي ۾ لاهيندي ڏسي هٿياربندن جو پيڇو ڪيو ته هٿياربندن سندس گاڏي تي فائرنگ شروع ڪري ڏني، پوليس اهلڪارن به جوابي فائرنگ ڪئي پر مٿي ۾ گوليون لڳڻ ڪري ايس پي او ٿڏي تي شهيد ٿي ويو، پوليس اهلڪارن ۽ هٿياربندن وچ ۾ڪجهه دير تائين فائرنگ جي ڏي وٺ بعد هٿياربند فائرنگ ڪندا ريلوي بند واري پاسي فرار ٿي ويا، پوليس اهلڪار شهيد ايس پي او ميهر علي لانگاهه جو لاش کڻائي لکي غلام شاهه ٿاڻي تي پهتا، اطلاع ملڻ تي ڊي پي او شڪارپور خادم رند به پهچي ويو، شهيد ايس پي او جو لاش لکي اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد پوليس سلامي ڏياري پوليس جي پهري هيٺ لاڙڪاڻو روانو ڪيو ويو، ڊي پي او واقعي واري هنڌ جو به معائنو ڪيو، ان موقعي تي ڊي پي او خادم رند صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڏوهارين کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو، ايس پي او ميهر علي لانگاهه پنهنجا فرض نڀائيندي شهيد ٿيو آهي ۽ سندس شهادت ۾ ملوث ڏوهارين کي بخش نه ڪيو ويندو، آخري اطلاعن موجب ڊي پي او جي حڪم تي پوليس نفري گڏ ٿيڻ شروع ٿي وئي هئي ۽ آپريشن جون تياريون ڪيون پئي ويون.
|