|
مشرف دور جيان اڄ به ملڪ
جا فيصلا واشنگٽن ۾ ٿين ٿا:عوامي تحريڪ
حيدرآباد
(پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڪاميٽي جو اجلاس مرڪزي صدر ڏاڏا
قادر رانٽيي جي صدارت ۾رسول بخش پليجي جي رهائشگاهه تي ٿيو،
جنهن ۾ چيو ويوته موجوده حڪومت مشرف سرڪار جي عوام دشمن
پرڏيهي پاليسي کي جاري رکيو آهي ۽ مشرف دور جيان اڄ به فيصلا
پارليامينٽ بدران واشنگٽن ۾ ٿين ٿا، جنهن سبب عوام جو موجوده
سياسي نظام تان ويساهه کڄي چڪو آهي، اجلاس ۾ چيو ويو ته
موجوده حڪومت نه رڳو عوام جي اميدن تي پاڻي ڦيريو آهي پر عوام
جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي،
پرويز مشرف 8 سالن کان ملڪ جي آئين، قانون، جمهوريت ۽ عوام جي
حقن تي راتاها هنيا، خاص طور تي سنڌين ۽ بلوچن سان تعصب وارو
رويو رکيو، اهڙي ماڻهو کي سرڪاري اعزاز سان باعزت شهري جو درجو
ڏيڻ آئين، قانون، جمهوريت ۽ عوامي مفادن جو قتل آهي، اجلاس ۾
چيو ويو ته سنڌ حڪومت به عوام سان ڪيل واعدا نه پاڙيا آهن ۽
هيستائين عوام جي مفادن لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا آهن، جنهن
ڪري سنڌي عوام جو حڪومت تان ويساهه کڄي ويو آهي، اجلاس ۾
مطالبا ڪيا ويا ته پرويز مشرف کي حڪومت تحفظ ڏيڻ بدران مٿس
آئين ۽ قانون موجب ڪيس هلايا وڃن، گريٿر ٿل ڪئنال جي اڏاوت بند
ڪري سنڌو درياءَ تي سنڌ کان مٿي ڪو به ڊيم، بيراج يا ڪئنال
تعمير نه ڪيو وڃي، سنڌ جي گورنر کي هٽائي ضلعي نظام خاص طور تي
شهري حڪومتن کي ختم ڪيو وڃي، سنڌ ۾ ڀاڻ، بجلي ۽ پاڻي جي کوٽ
ختم ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي ۽ جسٽس چوڌري سميت هٽايل سمورن
ججن کي بحال ڪيو وڃي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سال 2008ع ۽
2009ع کي تعليمي ۽ تنظيمي سال ڪري ملهايو ويندو، اجلاس ۾ عوامي
تحريڪ جو سرواڻ رسول بخش پليجو، جامي چانڊيو، حفيظ ڪنڀر، عالم
شاهه، حڪيم هاليپوٽو، حڪيم زنگيجو، وشنومل، نور احمد ڪاتيار،
نظير قريشي، نجمه شيخ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.
|