سانگهڙ کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

اوٻاوڙو لڳ ڦورن هٿان گهر ڌڻي قتل،وارثن پاران لاش رکي ڌرڻو، ايس ايڇ او رورٽ ۽ معطل،6 گرفتار

اوٻاوڙو(رپورٽ: گل محمد پنهور) اوٻاوڙو لڳ هٿياربندن مينهون ڦر ڪرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت ڪرڻ تان گهر ڌڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو، ايس ايڇ او رورٽ ۽ معطل، 6 ڄڻا گرفتار، رپورٽ موجب اوٻاوڙو لڳ ڳوٺ گم محمد ڇڄڻ تي آچر جي رات دير سان 8 هٿياربندن چڙهائي ڪري هڪ گهر مان هٿيارن جي زور تي 4 مينهون ڪاهڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن گهر ڌڻي انور حسن ڇڄڻ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ ڳوٺاڻن جي فائرنگ تي هٿياربند 3 مينهون ڇڏي هڪ مينهن ڪاهي فرار ٿي ويا، اطلاع تي اوٻاوڙو پوليس پهچي مقتول جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال آندو ۽ وارثن جي نشاندهي تي پوليس هڪ ڄڻي ياسين چاچڙ کي گرفتار ڪرڻ جي ٿوري دير بعد کيس آزاد ڪري ڇڏيو، واقعي خلاف ڇڄڻ برادري جي ماڻهن محمد ڇڄڻ ۽ علي نواز ڇڄڻ جي اڳواڻي ۾ تعلقي اسپتال مان مقتول جو لاش کڻي قومي شاهراهه ٽول پلازه وٽ روڊ تي رکي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٻن ڪلاڪن تائين قومي شاهراهه بند  رهي ۽ ٻنهي پاسن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون، بعد ۾ ڊي پي او گهوٽڪي عرفان بلوچ، ايم اين اي ميان مٺو کي ساڻ ڪري ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون، جتي مظاهرين اڳواڻن حاڪم علي ڇڄڻ، علي نواز ڇڄڻ ۽ ٻين دانهيو ته نور حسن فوت ٿيڻ کان اڳ اسان کي چاچڙ برادري جي هٿياربندن جا نالا ٻڌايا، جنهن ۾ مک جوابدار ياسين چاچڙ کي اوٻاوڙو پوليس گرفتار ڪرڻ بعد بااثر شخص جي چوڻ تي ڇڏي ڏنو، ان موقعي تي  ڊي پي او غفلت جي الزام هيٺ ايس ايڇ او اوٻاوڙو عبدالحفيظ مشوري کي معطل ۽ رورٽ ڪري لائين موڪلي ڇڏيو ۽ ٻن ڪلاڪن  اندر جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي احتجاج  ختم ڪرايو، هوڏانهن ڊي پي او گهوٽڪي جي اڳواڻي ۾ پوليس چڙهايون ڪري ڳوٺ  تڳيو چاچڙ مان حضور بخش چاچڙ ۽ صوفي چاچڙ سميت 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. هوڏانهن اوٻاوڙو ٿاڻي تي حاڪم علي ڇڄڻ جي فرياد تي ياسين چاچڙ، حضور بخش، صوفي، فريد، مورڙو چاچڙ ۽ ٽن نامعلوم جوابدارن خلاف  ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته اسان جي انهن سان زمين تان پراڻي دشمني هلندڙ آهي، ڄاڻايل جوابدارن اسان جون مينهون ڦر ڪري نوجوان قتل ڪيو آهي، هوڏانهن الزام هيٺ آيل گرفتار جوابدارن چيو ته اسان قتل ناهي ڪيو  پاڪ ڪتاب تي انڪوائري ڪرائي وڃي، مقتول پنهنجي پٺيان 3 نياڻيون هڪ پٽ ۽ هڪ بيواهه سوڳوار ڇڏي ويو آهي.ٻئي طرف معلوم ٿيو آهي ته ڇڄڻ ۽ چاچڙ برادري جي ڌرين ۾ ٻن سالن کان زمين تان تڪرار هلندڙ آهي ۽ ٻنهي ڌرين پاران هڪ ٻئي تي ڦر ۽ چوري جا ڪيس داخل ٿيل آهن، ڌرين ۾ راڄوڻي نبيري جو 3 ڀيرا تاريخون رکڻ باوجود فيصلو نه ٿي سگهيو آهي.