سانگهڙ کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ |
|
آمر حڪمرانن 11 سالن تائين عوام جو استحصال ڪيو پر هاڻي ائين ٿيڻ نه ڏبو:مهرين ڀٽو خيرپور(ن ڪ) پ پ حڪومت اقتدار ۾ اچڻ شرط مزدور دشمن ڪارا قانون ختم ڪري مزدورن ۽ عوام جي مينڊيٽ کي تسليم ڪري ورتو آهي، اهڙو اظهار وفاقي پارلياماني سيڪريٽري صحت ايم اين اي ڊاڪٽر مهرين ڀٽو پريس ڪلب خيرپور ۾ مزدورن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوٺايل ليبر ڪانفرنس ۾ صدارتي تقرير ڪندي چيو، هن چيو ته آمر حڪمرانن 11 سالن تائين عوام جو استحصال ڪيو پر هاڻي ائين ٿيڻ نه ڏبو ۽ انهن کان پائي پائي جو حساب ورتو ويندو، هن چيو ته عوام پ پ حڪومت ڏانهن مسئلن لاءِ واجهائي رهيو آهي پر سمورا مسئلا هڪ وقت حل نه ٿي سگهندا، اسان عوامي مسئلن جي حل لاءِ اڳتي قدم کڻي رهيا آهيون، آمرن جو هميشه لاءِ رستو روڪڻ لاءِ آصف زرداري کي صدارتي اميدوار بڻايو آهي ۽ هو 6 سيپٽمبر تي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي وٺندو، مهرين ڀٽو وڌيڪ چيو ته خيرپور ضلعي کي ماڊل ضلعو بڻائي صحت، تعليم ۽ صاف پاڻي سان گڏ روزگار جون سهولتون فراهم ڪنداسين، مزدور اڳواڻ امجد لاشاري چيو ته پ پ ملڪ مان بک بدحالي ۽ بيروزگاري کي ختم ڪرڻ لاءِ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جهڙي حڪمت عملي جوڙي ته جيئن عوام مان مايوسي ختم ٿئي، مزدور اڳواڻ شهباز ڦلپوٽي چيو ته پ پ کي اقتدار ڏيارڻ لاءِ مزدور طبقي وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، جن جو موجوده قيادت کي ڀرم رکڻ گهرجي، سينيئر صحافي خان محمد چيو ته ميڊيا هميشه مزدورن جي جدوجهد کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ عوامي رد عمل کي اعليٰ ايوانن تائين پهچايو آهي، پروفيسر اسد عابدي چيوته پ پ عوامي خدمت تي يقين ۽ جذبو رکي ٿي، هينئر به 50 کان وڌيڪ مزدورن ۽ عوامي ڀلائي جي منصوبن جا بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ٿيڻا آهن، ڪانفرنس کي غلام شبير سومرو، فياض عباسي، مجيد منگي، ڊاڪٽر الطاف ميراڻي، جنسار سومرو ايڊووڪيٽ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
|