|
ٺٽي ۾ ڌاڙيلن جون ڪارروايون جاري:اوطاقن کي باهه:پورهيتن کي مارڪٽ ٺٽو (ن ڪ) ٺٽي ضلعي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن پنهنجي ڪاررواين ۾ تيزي آڻي ڇڏي آهي، زميندارن جي اوطاقن کي باهيون ڏئي ڪيلن جي فصلن تي ڪم ڪندڙ پورهيتن تي تشدد ڪيو ويو، ان ڏس ۾ ڪچي واري علائقي ۾ بدنام ڌاڙيل ستار جانوري ۽ لونگ سورجي جي ٽولي ٻيلو هيلايا ۾ قائم زميندار حاجي سليمان هيلايو ۽ منور هيلايو جي اوطاقتن تي چڙهايون ڪري باهيون ڏئي ڇڏيون، ٺيڪيدار مهتاب آرائين جي اوطاق کي به باهه ڏني وئي، ڌاڙيلن زمين تي بيٺل ٽريڪٽر ۽ پاڻي جي مشين کي باهه ڏئي ساڙڻ کانپوءِ اتي ڪم ڪندڙ پورهيتن تي سخت تشدد ڪرڻ بعد زميندارن جي نالن تي لکين رپين جي چندي جون چٺيون ڏئي فرار ٿي ويا، هوڏانهن ٺٽو پوليس جاسوسي ڪتن جي مدد سان ڌاڙيلن جا ڪچي واري علائقي ۾ پيرا کڻي رهي هئي.
|