ميهڙ لڳ ٻن رڪشائن ۾ ٽڪر، 4 مرڻينگ، صدمي ۾ زخمي نوجوان جو پيءُ فوت

ميهڙ (ن ڪ) ميهڙ لڳ انڊس هاءِ وي تي شينهڻ جو دڙو اسٽاپ وٽ ٻن رڪشائن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ منٺار کوسو ۽ نور محمد قمبراڻي سميت 4 ڄڻا مرڻينگ ٿي پيا، نوجوان منٺار کوسو جي زخمي ٿيڻ جي اطلاع تي سندس معذور پيءُ 50 سالن جو محمد اسماعيل کوسو صدمي ۾ دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو.