ميهڙ ۾ احتجاج ڪرڻ تي سڪندر ٻٽ سميت 150 ماڻهن تي ڪيس داخل

ميهڙ (ن ڪ) ميهڙ ۾ پيٽرول پمپ تي هٿياربندن جي ڪاهه ۽ ڦرلٽ خلاف احتجاج ڪرڻ تي دادو اتحاد جي اڳواڻ سڪندر علي ٻٽ سميت 150 ماڻهن تي هنگامو ۽ روڊ بلاڪ ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ميهڙ ۾ دادو اتحاد جي اڳواڻ سڪندر علي ٻٽ جي پيٽرول پمپ تي هٿياربندن جي ڪاهه، ڦرلٽ ۽ قبضي واري واقعي جو 4 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪيس داخل ناهي ٿيو، جڏهن ته ڇنڇر ڏهاڙي واقعي خلاف احتجاج ڪرڻ تي ميهڙ ٿاڻي تي سرڪار پاران اي ايس آءِ نذير لاکير جي فرياد تي دادو اتحاد جي اڳواڻ سڪندر علي ٻٽ، سپلا اڳواڻ پروفيسر آدم ٻٽ، يوسي ٿرڙي محبت جي نائب ناظم ذوالفقار جهتيال، سندس ڀاءُ ارباب جهتيال، 2 ميڊيڪل آفيسرن ڊاڪٽر اسماعيل ٻٽ، ڊاڪٽر محب علي مهيسر، اشفاق اسراڻ، سندس ڀاءُ ارشاد اسراڻ ۽ 142 اڻ سڃاتل ماڻهن خلاف روڊ بلاڪ ڪرڻ، هنگامو، گاڏين تي پٿراءُ، نعريبازي ، ٽائرن کي باهيون ڏيڻ ۽ لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيس داخل ڪرڻ بعد ڪيس جو فريادي اي ايس آءِ موڪل تي هليو ويو آهي، جڏهن ته پوليس ڪيس ۾ نامزد ماڻهن جي گهرن تي چڙهايون ڪيون پر ڪابه گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي، هوڏانهن سڪندر علي ٻٽ چيو آهي ته پوليس پ پ ايم پي اي جي ونگار پئي وهي، منهنجي پيٽرول پمپ تي ڦرلٽ ۽ قبضي جو پوليس ڪيس داخل نٿي ڪري ۽ پرامن احتجاج ڪرڻ تي اسان تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، اسان ڪيسن کان ڊڄڻ وارا ناهيون، هن چيو ته گورنر، وڏو وزير، آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد مون سان ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ جو نوٽيس وٺن، ٻئي طرف پ پ ميهڙ جي جنرل سيڪريٽري عبدالغفار ايم جي، علي حسن پنهور ۽ منير لاشاري چيو آهي ته فياض ٻٽ خلاف سازش تحت مهم هلائي پئي وڃي، سڪندر ٻٽ جو برادري جي ماڻهن سان تڪرار هلندڙ آهي، ان کي هرو ڀرو سياسي اشو نه ٺاهيو وڃي.