|
جج بحال نه ٿيندا،عوام کي ڪوڙا دلاسا ڏنا پيا وڃن:ممتاز ڀٽو ٺٽو/بدين(نمائندن وٽان) سنڌ نيشنل فرنٽ جي سربراهه ممتاز علي ڀٽو چيو آهي ته جج ڪڏهن به بحال نه ٿيندا، ڇاڪاڻ ته ججن جي بحالي ٿيل ڊيل جي خلاف ورزي هوندي، پ پ وارا عوام کي ڪوڙا دلاسا ڏئي رهيا آهن، وزيراعظم جيڪڏهن جج آزاد ڪري سگهي ٿو ته پوءِ جج بحال ڪرڻ به ان وٽ اختيار آهي، هن اهڙو اظهار ٺٽي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، هن چيو ته ڀٽي خاندان چار لاش ڏنا آهن، ان قرباني پ پ کي اقتدار ۾ پهچايو پر عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو ويو، هن چيو ته شهيد بينظير به آمريڪا طرفان ڪرايل ڊيل جي نتيجي ۾ وطن واپس آئي هئي پر هتان جون حالتون ڏسڻ کانپوءِ هن جي سوچ ۾ وڏي تبديلي آئي، جيڪا هن جي شهادت جو سبب بڻي، ڊيل تحت آصف زرداري کي اڳيان آندو ويو آهي ته جيئن ڊيل کي مڪمل ڪرائي سگهجي، هن چيو ته بينظير جي شهادت ۾ ٻاهرين طاقتن جو هٿ آهي، اقوام متحده هن قتل ڪيس کي رلائڻ لاءِ ڪيس سلامتي ڪائونسل جي حوالي ڪيو آهي، هن چيوته اهو ڪٿان جو انصاف آهي جو شهيد بينظير ڀٽو جي قتل جي اڄ ڏينهن تائين ايف آءِ آر به داخل نه ڪرائي وئي آهي، هن چيوته ڀٽو خاندان ۾ هاڻ صرف هڪ نياڻي بچي آهي، جيڪا پنهنجي تحفظ ۽ حفاظت خاطر ملڪ ۾ واپس نٿي اچي، هن چيو ته نواز شريف ججن جي معاملي تي ائين پٺتي هٽندو رهيو ته ان جي مقبوليت جو گراف به تيزي سان ڪري پوندو، ڇاڪاڻ جو عوام کيس ان نقطي تي ووٽ ڏنا آهن، هن چيو ته ملڪ ۾ غربت، بيروزگاري ۽ بدحالي آهي، اهي شيون عوام کي وڙهڻ تي مجبور ڪنديون، جيڪڏهن اڳتي هلي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ته پوءِ هن ملڪ ۾ خوني انقلاب ايندو، ممتاز ڀٽو چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي قتل جي سازش ظاهر ڪرڻ لاءِ مون صدر ۽ وزيراعظم کي خط لکي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي پر ڪا به موٽ نه ملي آهي. ان کان اڳ بدين ۾ پارٽي جي ضلعي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ممتاز ڀٽو چيوته پ پ 3 ڀيرا ووٽ وٺي عوام سان دوکو ڪيو، هن ڀيري عوام کي ٽن مهينن اندر اهڙو ڌڪ لڳو آهي جو ماڻهو پٺا پيا سيڪين، ممتاز علي ڀٽو چيو ته پيپلز پارٽي هر دور ۾ ڦرلٽ ڪئي آهي، ملڪ جي خزاني کي لٽيو آهي، هن چيو ته پ پ هينئر پنهنجي ئي ڪارڪنن سان اهڙو حشر ڪيو آهي، جو ڪارڪنن جون اکيون نڪري آيون آهن، ممتاز ڀٽو چيو ته25 سال اڳ صوبن جي حقن جي ڳالهه ڪئي ته اسان تي بغاوت جا ڪيس ٺهيا، جيل موڪليو ويو، اڄ پرويز مشرف سميت سڀ ساڳي ڳالهه ڪن ٿا.
|