روزانه ڪاوش

شهدادڪوٽ لڳ موٽرسائيڪل ڦر، مزاحمت تي سماجي اڳواڻ قتل، هڪ زخمي، مقابلو، ڦورو گرفتار

شهدادڪوٽ/لاڙڪاڻو (نمائندن وٽان) شهدادڪوٽ جي اسپتال محلي ۾ گهر ۾ آڏو بيٺل 40 ورهين جي سماجي اڳواڻ معشوق مگسي ۽ سندس مائٽ معشوق عرف فقيرو کان 3 هٿياربندن موٽرسائيڪل ڦر ڪئي، مزاحمت تي هٿياربند ٻنهي کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن بعد  سماجي اڳواڻ معشوق پٽ عبدالرزاق مگسي لاڙڪاڻي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، اطلاع تي هٿياربند کانئن موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته اطلاع تي پوليس به شهرين سان گڏ ڦورن جو پيڇو ڪيو، ڳوٺ اعظم بروهي جي ڀر ۾ پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ڦورو زخمي حالت ۾ هڪ گهر اندر داخل ٿي ڊرامائي انداز ۾ گهر اندر پنهنجا ڪپڙا لاهي انگوشو پائي پاچڪو ڪلهي تي رکي ڊرامائي نموني سان هاري جي ويس ۾ زمين تي هارين سان گڏجي ٻج پٽڻ ويهي رهيو ته پوليس ۽ شهرين چوڌاري ڪڙو چاڙهي کيس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، زخمي موٽرسائيڪل مالڪ سميت ٽنهي ڄڻن کي اسپتال پهچايو ويو،جتي اسپتال ۾ زخمي موٽرسائيڪل مالڪ معشوق پٽ عبدالرزاق مگسي  زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، ڦورو زخمي کي به دير سان لاڙڪاڻي موڪليو ويو، گرفتار زخمي ڦورو جا ٻه ساٿي موٽرسائيڪل سميت فرار ٿي ويا، زخمي ڦورو پنهنجو نالو امتياز چانڊيو، قبر تعلقي جي ڳوٺ ڊرگهه جو رهواسي پڻ ٻڌايو آهي، جڏهن ته هن فرار ٿيل ٻن ساٿين جا نالا حبيب الله لاشاري ۽ علي دوست مگسي ٻڌايا،پوليس فرار ٿيل ڦورن جي ڳولا بهاني شهدادڪوٽ جي ٽانوري شاخ جي ڪپ تي ڳوٺ صاحب لاشاري تي چڙهائي ڪري ڊي پي او قمبر شهدادڪوٽ جي ڪنٽرول آپريٽر قربان لاشاري جي گهر ۾ ڪاهي پئي، گهر ۾ موجود آپريٽر جي 70ورهين جي ماءُ سومري ۽ زال نور بانو سميت عورتن، ٻارن ۽ مردن تي لٺين جا وسڪارا لاهي سخت تشدد جو نشانو بڻائي، آپريٽر جي 45ورهين جي پورهيت ڀاءُ ٽي بي جي مريض منظور لاشاري کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو، پوليس ڪاهه دوران عورتن ۽ ٻارڙن ۾ ڪيهون پئجي ويون، ڊي پي او آپريٽر قربان لاشاري عورتن تي تشدد ٿيندو ڏسي پوليس کي منٿون ڪيون پر پوليس پنهنجي ڪارروائي جاري رکي، پوليس جي ڳوٺ تي ڪاهه خلاف لاشاري برادري جي ماڻهن قربان لاشاري، يونس لاشاري، الطاف لاشاري ۽ محمد خان جي اڳواڻي ۾ ٿاڻي اندر سخت مظاهرو ڪيو ۽ ڊي پي او ۽ ڊي آءِ جي کان مطالبو ڪيو ته چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿيو هو.