|
روزانه ڪاوش |
|
اوٻاوڙو پوليس پاران ڪراچي مان مبينا اغوا ٿيل 6 سالن جي ٻارڙي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ اوٻاوڙو (ن ڪ) اوٻاوڙو لڳ ڳوٺ دلوارو ۾ اطلاع تي اوٻاوڙو پوليس ڇاپو هڻي ڪراچي گلشن حديد مان هڪ هفتو اڳ مبينا طور اغوا ٿيل 6 سالن جي ٻارڙي آمنه کي بازياب ڪرائي ورتو ۽ اغوا ڪري ايندڙ جوابدار امداد ميراڻي کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي کڻي آئي، بازياب ٿيل ٻارڙي ٻڌايو ته اسڪول کان گهر ويندي مون کي امداد اغوا ڪري کڻي آيو آهي، وڌيڪ پڇا ڪرڻ تي ٻارڙي روئي ڏنو، گرفتار جوابدار امداد ٻڌايو ته هي منهنجي ڌيءُ آهي، مون آمنه کي اغوا نه ڪيو آهي، ڳوٺاڻن مون کي گرفتار ڪرايو آهي، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي اوٻاوڙو ٿاڻي جي ايس ايڇ او ٻڌايو ته هي ٻارڙي هن جي ڌيءُ نه آهي، هن ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي ته گلشن حديد مان محمد سلطان هزارو پنجابي جي گهر ۾ ڪم ڪندو هئس، ان جي ٻارڙي اغوا ڪري کڻي آيو آهيان، پوليس موجب ته جوابدار مختلف بيان ڏئي رهيو آهي، اسان ڪوشش ڪري ٻارڙي جي وارثن کي گهرائينداسين، پوءِ خبر پوندي ته ٻارڙي اغوا ٿي آهي يا هن جي ڌيءُ آهي، جنهن بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪري ڪيس داخل ڪنداسين.
|