|
روزانه ڪاوش |
|
سنڌ ۽ پنجاب جون 1650 ڪاٽن فيڪٽريون بند:ٽيڪسٽائل صنعت ۾ بحران جو خدشو حيدرآباد (رپورٽ:اشوڪ شرما) سنڌ ۽ پنجاب جي ڪاٽن جنرز جو اجلاس، زراعت ۽ ايڪسائيز کاتن خلاف هڙتال جاري رکڻ جو فيصلو، ملڪ جون 1650 فيڪٽريون نه هلڻ ڪري ڪپهه جو چونڊو به رڪجي ويو، ٽيڪسٽائيل توڙي گارمينٽس انڊسٽري ۾ بحران جو خدشو، وفاقي حڪومت 6 آگسٽ تي اجلاس گهرائي ورتو، ڄاڻ موجب آل پاڪستان ڪاٽن جنرز ايسوسيئيشن جو اجلاس ڪالهه هتي ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي ڪاٽن جننگ فيڪٽرين جي مالڪن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مطالبا منظور ٿيڻ تائين پهرين آگسٽ کان شروع ٿيل هڙتال جاري رکي ويندي، فيڪٽريون لڳاتار بند رهنديون، ايسوسيئيشن جي اڳواڻن چوڌري اڪرم جٽ، لال چند ڪوهستاني، سيٺ خوبچند ۽ ٻين ٻڌايو ته هر سال جون مهيني کانپوءِ زراعت کاتي کان فيڪٽرين جي لائيسنس جي تجديد ٿيندي آهي، جنهن بعد ايڪسائيز کاتو ورڪنگ ڪليئرنس جاري ڪندو آهي پر هن سال سنڌ-پنجاب جي 1650 فيڪٽرين جي لائيسنس جي تجديد ناهي ٿي، هنن چيو ته ايڪسائيز وارن ڪپهه جي في ڳٺڙي تي 5 رپيا ڪاٽن اسٽينڊرڊائيز في لاڳو ڪئي آهي، جيڪا اسان ادا نه ڪئي آهي، ان ڪري لائيسنس رينو ناهن ٿيا، هنن چيو ته اسان لائيسنس بنا فيڪٽريون هلائي نٿا سگهون، هنن چيو ته لائيسنس رنيو ٿيڻ ۽ ايڪسائيز في ختم ٿيڻ تائين سموريون فيڪٽريون بند رهنديون، هنن ٻڌايو ته هڙتال سبب اڍائي لک ماڻهن جو روزگار متاثر ٿي رهيو آهي، اسان هر سال 2 سئو ڪروڙ رپيا (2 ارب) ٽيڪسن جي مد ۾ ڏيون ٿا، پوءِ به بيورو ڪريسي مسئلا پيدا ڪري رهي آهي، هوڏانهن فيڪٽريون بند ٿيڻ ڪري ڦٽين جو چونڊو به رڪجي ويو آهي، مٿان وري برساتن سبب تيار ٿيل فصل کي نقصان رسي رهيو آهي، گڏوگڏ ڪاٽن فيڪٽرين بند ٿيڻ سان ٽيڪسٽائل توڙي گارمينٽس جي صنعت متاثر ٿي سگهي ٿي، هوڏانهن معلوم ٿيو آهي ته انهي مسئلي جو نوٽيس وٺي زراعت واري وفاقي سيڪريٽري 6 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ اجلاس گهرائي ورتو آهي، ڪاٽن جنرز جي وفد اجلاس ۾ شرڪت جو اعلان ڪيو آهي، ٻئي طرف ڪوٽڏيجي ۽ سڪرنڊ ۾ ڪاٽن فيڪٽرين جي مالڪن احتجاج طور فيڪٽريون بند رکيون.
|