روزانه ڪاوش

”ڊيٽلمينٽ تي آهيو“:ٺٽي تعليم کاتي جا 10 انچارج اي ڊي اوز معطل

ٺٽو (رپورٽ: عثمان ميمڻ) ٺٽي جي ڊي سي او لئيق احمد ميمڻ تعليم کاتي ۾ گزيٽيڊ پوسٽن تي ڪم ڪندڙ 3 فيميل اي ڊي اوز سميت 10 انچارج اي ڊي اوز کي معطل ڪري کين اي ڊي او تعليم ٺٽو جي آفيس ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، سرڪاري حڪمن کي نه مڃڻ ۽ اضافي چارج نه ڇڏڻ تان معطل ڪيل آفيسرن ۾  اي ڊي او گرلز ٺٽو شميم ڀٽو، اي ڊي او گرلز نورالنساءِ پليجو ، اي ڊي او فيميل جاتي ذوليخان، اي ڊي او بوائز ٺٽو محمد سومار ٻٻر، اي ڊي او بٺورو عبدالغفور مگسي، اي ڊي او جاتي قاسم علي، اي ڊي او شاهبندر غلام قادر، اي ڊي او ميرپورساڪرو محمد رحيم سومرو ۽ اي ڊي او سجاول محمد خان شامل آهن، جن کي اي ڊي او ٺٽو جي آفيس ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، واضح رهي ته اهي سمورا اي ڊي اوز نان گزيٽيڊ ۽ انچارج طور ڪم ڪري رهيا هئا، تازو تعليم واري صوبائي وزير پير مظهرالحق پاران ٺٽي جي دوري دوران  ڊيٽلمينٽ ختم ڪرڻ واري اعلان باوجود انهن سڀني انچارج اي ڊي اوز چارج ڇڏڻ کان انڪار ڪيو  هو، جنهن کانپوءِ ڊي سي او ٺٽو پاران اهڙي ڪارروائي ڪئي وئي.