|
موري ڀرسان اڳوڻو صوبائي وزير ۽
سندس گارڊ حادثي ۾ فوت
مورو
/ڊيرامراد جمالي /جعفر آباد(نمائندن وٽان) مورو ڀرسان قومي
شاهراهه تي ڊبل ڪيبن جيپ ڪلٽي، ڄاموٽ قومي موومينٽ جي
چيئرمين سميت 2 ڄڻا فوت، سوڳ ۾ بلوچستان جا ڪيترائي شهر بند
ٿي ويا، رپورٽ موجب موري ڀرسان چوٿو ميل اسٽاپ وٽ قومي
شاهراهه تي ڊبل ڪيبن جيپ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وڃڻ
سبب ڪلٽيون کائي کاهي ۾ ڪري پئي، نتيجي ۾ ڄاموٽ قومي موومينٽ
جو چيئرمين ۽ اڳوڻو صوبائي وزير مير محمد مراد ابڙو ۽ سندس
گارڊ پير بخش ابڙو موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته
ڊاڪٽرعبيدالله، دوست محمد، فرقان ۽ جواد ابڙو زخمي ٿي پيا،
جن کي موري اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، مير مراد ڪراچي کان
پنهنجي ڳوٺ کٽياڻ وڃي رهيو هو ته موري لڳ حادثو پيش آيو،
حادثي جي خبر پوڻ تي سوڳ ۾ ڊيرا مراد جمالي، ڀاڳ ناڙي ۽ ڇتر
شهر مڪمل طور بند ٿي ويا، هوڏانهن ڪنڊيارو ۾ ابڙا برادري
طرفان جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ معززن ۽ علائقي جي سوين
ماڻهن شرڪت ڪئي، جنهن کانپوءِ مڙهه ڀاڳ ناڙي لڳ ڳوٺ کٽياڻ نيا
ويا.
|