روزانه ڪاوش

ٿرڪوئلي بابت 3 ادارا موجود،فنڪشنل ڪهڙو خبر ئي ناهي؟

مٺي: ٿر جي ڪوئلي بابت هن وقت ملڪ ۾3 ادارا موجود آهن، هڪ سنڌ ڪول اٿارٽي، ٻيوٿرڪول اٿارٽي۽ ٽيون ٿرڪول اينڊ انرجي بورڊ، ان حوالي سان ڏسجي ته شروع ۾سنڌ سرڪارطرفان اسيمبلي مان بل پاس ڪرائي جوڙيل سنڌ ڪول اٿارٽي کي تازو پ پ حڪومت اچڻ بعد وفاقي سرڪار ختم ڪندي ٿر ڪول اٿارٽي ٺاهڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، جڏهن ته انهي نوٽيفڪيشن جي واپس وٺڻ کانسواءِ ئي سنڌ سرڪار ٿرڪول اينڊ انرجي بورڊ جوڙيو آهي، هن وقت نه سنڌ ڪول اٿارٽي ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو آهي نه ئي وري وفاقي سرڪار جي جوڙيل ٿرڪول اٿارٽي ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو آهي، جڏهن ته مٿان وري سنڌ سرڪار طرفان ٿرڪول اينڊ انرجي بورڊ جوڙيو ويو آهي، هاڻي انهن ٽنهي ادارن مان هن وقت ڪنهن کي فنڪشنل سمجهجي اهو معاملو اڃا منجهيل آهي.