روزانه ڪاوش

ٽنڊو غلام علي لڳ بااثر زميندار نوجوان ناري کي دوستي نه رکڻ تان اغوا ڪري اوطاق تي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو

ٽنڊو غلام علي (ن ڪ) ٽنڊو غلام علي  لڳ نوجوان ناري کي سندس چاهيندڙ دوستي نه رکڻ تان گهران اغوا ڪري سندس اوطاق تي سخت مارڪٽ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، نوجوان ناري ڪزبانو زال نجم الدين نظاماڻي کي سندس چاهيندڙ منور حسين نظاماڻي دوستي نه رکڻ تان گهران هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري اوطاق تي 3 ڪلاڪن تائين سخت تشدد ڪيو، ناري جي بيهوش ٿيڻ تي کيس مئل سمجهي اوطاق ٻاهران اڇلائي ڇڏيو، ناري جي وارثن زخمي ناري کي کڻي ٽنڊو غلام علي اسپتال پهچايو، جتي هوءَ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي، ناري جي مڙس نجم الدين نظاماڻي جوابدار منور حسين نظاماڻي خلاف قتل ڪيس داخل ڪرايو، ٽنڊو غلام علي پوليس ناري جو پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش وارثن حوالي ڪيو، ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ ۾ ڊاڪٽر سونو جسڪاڻي ٻڌايو ته ناري جو موت مٿي ۾ لٺيون لڳڻ سبب دماغي رڳ ٽٽڻ ڪري ٿيو آهي، ناري جي پيءُ عظيم ۽ ڀاءُ شڪيل نظاماڻي ٻڌايو ته جوابدار ڳوٺ جو بااثر زميندار آهي، هن اسان جي نياڻي کي بيگناهه قتل ڪيو آهي، کيس ڦاهي جي سزا ڏني وڃي، هوڏانهن ناري جي چاهيندڙ جوابدار منور ٻڌايو ته ناري ڪجهه سال اڳ مون سان نڪاح ڪيو هو بعد ۾ وارثن نجم الدين سان شادي ڪرائي ڇڏي، ان ڪري مون ڪاوڙ ۾ اچي کيس مارڪٽ ڪئي، ٻئي طرف ٽنڊو غلام علي پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڳوٺ پير واهه سوڌو مختلف ڳوٺن تي ڇاپا هنيا پر هو هٿ نه آيو، اهڙي واقعي کانپوءِ ڳوٺ ۾ سوڳ وارو ماحول آهي، ناري کي ڳوٺ جي مقامي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي.