پي آءِ اي ۽ اسٽيل ملز مان برطرف ڪيل ملازمن کي بحال ڪنداسين:وڏو وزير

ڪراچي (بيورو رپورٽ) وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت ۾ ڪي پي ٽي، اسٽيل ملز ۽ پي آءِ اي سميت جن به ادارن مان ملازمن کي برطرف ڪيو ويو اسان انهن کي بحال ڪنداسين. بيورو ڪريسي 13 سالن ۾ عوام جا ڪم نه ڪرڻ جي عادي ٿي وئي آهي، جنهن جي ان رويي کي تبديل ڪنداسين، ڪالهه پي آءِ اي ڪالوني ۾ پي آءِ اي جي 4979 ڪچن ملازمن کي پڪو ڪرڻ جا آرڊر ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته اسان تي تنقيد ڪئي پئي وڃي ته اسان 4 مهينن ۾ ڇا ڪيو آهي؟ آئون انهن کي ٻڌايان ٿو ته اسان هزارين بيروزگارن کي روزگار ڏنو. اڍائي لک بي زمين هارين کي زمينون ڏنيون ۽ ٽريڊ يونين کي بحال ڪيو،  وڏي وزير چيو ته 6 سيپٽمبر تائين ڪراچي جي سمورن ڳوٺن کي ليز ڏني ويندي، هن چيو ته پي آءِ اي جي 4 هزار 6 سئو ملازمن کي بنا ڪنهن فرق جي پڪو ٿيڻ جا ليٽر ڏنا پيا وڃن، جڏهن ته اسٽيل ملز ۽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي ڏهاڙي وارن ملازمن کي پڻ جلد مستقل ڪيو ويندو، اهڙي ريت سول ايويئيشن جي ملازمن کي 27 ڊسمبر تي محترمه بينظيرڀٽو  شهيد جي پهرين ورسي جي موقعي تي مستقلي جا ليٽر جاري ڪيا ويندا، هن چيو ته پي آءِ اي جي 5 هزار ڪچن ملازمن کي پڪو ڪرڻ وڏي ڪاميابي آهي ۽ هاڻي جلد ڪراچي جي ڳوٺن کي پڪو ڪنداسين، ان موقعي تي پي آءِ اي جي ايم ڊي ڪيپٽن اعجاز هارون چيو ته پي آءِ اي هن وقت 18-ارب رپين جي خساري کي منهن ڏئي رهي آهي، 5 هزار ملازمن کي پڪو ڪرڻ جو خساري سان واسطو ناهي، ان سان اداري جي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر ٿيندي. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت ۾ 5 سالن دوران 50-ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي، جنهن لاءِ موجوده حڪومت ذميوارن جو احتساب ڪري، ان موقعي تي فيصل رضا عابدي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.