سنڌ جي يگاني صداڪار ۽ ڪچهري جي ڪوڏئي سيد صالح محمد شاهه جي وڇوڙي کي سال مڪمل،اڄ پهرين ورسي

حيدرآباد (رپورٽ: ستار ملڪ) ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي امر آواز، ڪچهري جي ڪوڏئي ۽ سنڌ جي يگاني صداڪار سيد صالح محمد شاهه جي وڇوڙي کي اڄ سال مڪمل ٿي ويو، سندس پهرين ورسي جي تقريب اڄ حيدرآباد ۾ سنڌي ٻولي اختياري جي ڊاڪٽر بلوچ هال ۾ ملهائي پئي وڃي، تقريب جي صدارت ٻولي اختياري جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين ڪندي، جڏهن ته مهمان خاص سنڌ جو ناليوارو اديب شوڪت حسين شورو هوندو، جڏهن ته عبدالقادر جوڻيجو، نصير مرزا، تاج جويو، عنايت بلوچ، امداد حسين، حميد سنڌي، حبيب الله صديقي ۽ ٻيا سيد صالح محمد شاهه کي ڀيٽا پيش ڪندا، ڏاڏي فتح خان جو لازوال ڪردار ادا ڪندڙ سيد صالح محمد شاهه حيدرآباد جي قديم ڳوٺ دريا بيگ مغل ۾ 14 اپريل 1938ع تي سيد گهراڻي جي سيد دادن شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو، ريڊيو حيدرآباد ۽ پي ٽي وي جي ڪراچي سينٽر تان ڪچهري پروگرام ذريعي شهرت ماڻي، فني ڪيريئر جي شروعات ريڊيو تان جهمور جي  آواز پروگرام سان ڪئي، جنهن ۾ هن هارين کي زرعي صلاحون ڏنيون، سنڌ جي سدا حيات صداڪار ناليوارن اديبن، دانشورن، سگهڙن سان ريڊيو ۽ ٽي وي تي پنهنجي پروگرامن ذريعي ڪچهريون ڪيون، سنڌ جي سماجي مسئلن تي گهري نظر رکندڙ سيد صالح محمد شاهه روايتي لوڪ ادب کي محفوظ ڪرڻ لاءِ سڄاڻ ماڻهن کي پنهنجي ڪچهري پروگرام ۾ ڪوٺ ڏني، قديم لوڪ گيتن ۽ لوڪ ادب ۾ ڪيترن ئي اديبن، شاعرن، فنڪارن ۽ سگهڙن کي پنهنجي ڪچهري پروگرام ذريعي متعارف ڪرايو، سندس ڪچهري پروگرام ذريعي ڀلوڙ فنڪار منظور علي خان، وحيد علي، فتح علي خان ۽ ٻين کي مڃتا ملي، سندس وڇوڙي سان صداڪاري ۾ پيدا ٿيل خال اڃا سوڌو ڀرجي نه سگهيو آهي، اڄ سندس وفات کي هڪ سال مڪمل ٿي ويو.