|
روزانه ڪاوش |
|
ڏکڻ آفريقا چيمپئنز ٽرافي لاءِ ٽيم موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جوهانسبرگ (اي ايف پي) ڏکڻ آفريقا پاڪستان ۾ ايندڙ مهيني ٿيندڙ چيمپئنز ٽرافي ۾ ڪرڪيٽ ٽيم موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ بورڊ جي صدر نارمن ارينڊس جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته بورڊ ڊگهي صلاح مشوري کانپوءِ فيصلو ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ هن وقت آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي لاءِ ڪرڪيٽ ٽيم نه موڪلي ويندي، هن چيو ته پي سي بي کي ٽورنامينٽ ڪرائڻ واري حق جي عزت ڪيون ٿا، اسين آءِ سي سي تي زور ڏينداسين ته جيترو ممڪن ٿي سگهي، ٽورنامينٽ جو شيڊيول تبديل ڪيو وڃي، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪي رانديگرن پاڪستان ۾ کيڏڻ تي ٻيهر ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، ان کان اڳ انگلينڊ، نيوزليڊ ۽ آسٽريليا پڻ سيڪيورٽي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪري چڪا آهن، واضح رهي ته ٽيڪسلا ۾ خميس ڏينهن آپگهاتي حملن ۾ 70 ماڻهو مارجي ويا هئا، ٻئي طرف پاڪستان ڏکڻ آفريقا جي فيصلي تي سخت تنقيد ڪندي چيوآهي ته ان سان چيمپئنز ٽرافي سخت متاثر ٿيندي، پي سي بي جي چيف آپريٽنگ آفيسر شفقت نعيمي اي ايف پي کي ٻڌايو ته ڏکڻ آفريقا جي تڪڙي فيصلي سان مايوسي ٿي آهي، هن چيو ته هاڻي آءِ سي سي تي آهي ته اها ڪهڙو فيصلو ڪري ٿي، اسان جي پوري ڪوشش هوندي ته ٽورنامينٽ جي ميزباني ڪريون ۽ اهو شيڊيول موجب ٿئي، هن چيو ته گذريل سال اسان ڏکڻ آفريڪي ٽيم لاءِ بهتر انتظام ڪيا، هوڏانهن آءِ سي سي ترجمان جو چوڻ آهي ته سڀاڻي ٿيندڙ اجلاس تائين معاملي تي تبصرو نه ٿو ڪري سگهان |