|
روزانه ڪاوش |
|
شعيب ملڪ آل رائونڊرز جي رينڪنگ ۾ آفريدي کي پويان ڌڪي پهرين نمبر تي اچي ويو دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) آءِ سي سي پاران جاري ڪيل نئين ون ڊي رينڪنگ ۾ پاڪستاني ٽيم جو ڪپتان شعيب ملڪ بيٽسمينن جي رينڪنگ ۾ واپس ٽاپ 20 ۾ شامل ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڀارتي ڪپتان مهندرا سنگهه ڌوني ۽ آسٽريليا جو مائيڪل هسي به ون ڊي رينڪنگ ۾ ترقي ڪئي آهي، بيٽسمينن جي ون ڊي رينڪنگ ۾ گريم سمٿ 792 پوائنٽن تان پهرين نمبر تي برقرار آهي، جڏهن ته سچن ٽنڊولڪر هڪ درجو ترقي ڪري ٻئي، محمد يوسف به هڪ درجو ترقي ڪري ٽئين نمبر تي اچي ويا آهن، رڪي پونٽنگ 2 درجا وڃائي چوٿين نمبر تي پهتوآهي، مهندرا سنگهه ڌوني 5 درجا ترقي ڪري 5 نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته چندرپال 2 درجا وڃائي 6، ڏکڻ آفريقا جو اي بي ڊي وليئرز 2 درجا ترقي ڪري 7، ميٿيو هيڊن 3 درجا وڃائي 8 نمبر تي اچي ويو آهي، ڀارت خلاف سينچري ٺاهڻ بعد شعيب ملڪ 7 درجا ترقي ڪري 17 نمبر تي اچي ويو آهي، سلمان بٽ سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکارڻ سبب 3 درجا وڃائي 19 نمبر تي پهتو آهي، ون ڊي رينڪنگ ۾ بالرن ۾ نيوزيلينڊ جو ڊينيل وٽوري پهرين، نٿن بريڪن ٻئي، شين بانڊ 3 ۽ چمندا واس 4 نمبر تي برقرار آهن، ويسٽ انڊيز جو ڊيرل پاويل 3 درجا ترقي ڪري 5 نمبر تي اچي ويو آهي، آندري نيل 6 نمبر تي آهي، بريٽ لي 3 درجا ترقي ڪري 7 نمبر تي اچي ويو آهي، جيرومي ٽيلر 8 نمبر تي آهي، جڏهن ته شاهد آفريدي 3 درجا وڃائي 6 کان 9 نمبر تي اچي ويو آهي، انگلينڊ جي نوجوان فاسٽ بالر 22 درجا ترقي ڪري 12 نمبر تي اچي ويو آهي، آل رائونڊرن جي رينڪنگ ۾ ڪپتان شعيب ملڪ هڪ درجو ترقي ڪري پهرين نمبر تي اچي شاهد آفريدي کي پويان ڪري ڇڏيوآهي، شاهد آفريدي هاڻي ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي، ٽيمن جي رينڪنگ ۾ آسٽريليا پهرين نمبر تي واپس اچي وئي آهي، جڏهن تي ڏکڻ آفريقا ٻئي، نيوزيلينڊ 3، ڀارت 4 ۽ پاڪستان 5 نمبر تي آهي.
|