روزانه ڪاوش

ٽيم جي ميٽنگ ۾ شرڪت بدران فشنگ ڪرڻ تان اينڊريو سائمنڊز کي واپس گهر موڪليو ويو

ڊارون (اسپورٽس ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ جي خلاف ورزي ڪرڻ تي اسٽار آل رائونڊر اينڊريو سائمنڊز کي بنگلاديش خلاف ون ڊي سيريز لاءِ ٽيم مان ٻاهر ڪري گهر موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، آسٽريلوي آل رائونڊر اينڊريو سائمنڊز کي بنگلاديش خلاف 3 ون ڊي ميچن لاءِ ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو هو، ڪالهه هو پهرين ميچ ۾ ٽيم جو حصو پڻ هو پر جمعي تي ٽيم جي اهم ميٽنگ ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي ٽيم ليڊرشپ کيس گهر موڪلڻ جو فيصلو ڪري ورتو، آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ جي اختيارين ٻڌايو ته سائمنڊز ٽيم ميٽنگ ۾ شرڪت ڪرڻ بدران فشنگ کي ترجيح ڏني ۽ ٽريننگ سيشن ۾ به حصو نه ورتو.