روزانه ڪاوش

انگلينڊ خلاف ٽين ٽيسٽ ميچ ۾ سينچري ڪيريئر جي بهترين آهي:گريم سمٿ

برمگهم(اسپورٽس ڊيسڪ) انگلينڊ خلاف آچر تي ٽين ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سيريز کٽڻ بعد آفريقي ٽيم جي ڪپتان گريم سمٿ چيو آهي ته انگلينڊ خلاف ٽين ٽيسٽ ۾ سندس ميچ وننگ سينچري سندس ڪيريئر جي بهترين شروعات آهي، هن چيو ته مون ڪيريئر ۾ 10 سينچريون ٺاهيون آهن پر اها سندس بهترين آهي، ڇو ته ان سينچري جي مدد سان ڏکڻ آفريقا 43 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو انگلينڊ جي سرزمين تي ٽيسٽ سيريز کٽي آهي، واضح رهي ته ٽين ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا انگلينڊ کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 4 ميچن تي مشتمل سيريز 0-2 تان کٽي ورتي آهي، ميچ ۾ گريم سمٿ 154 ناٽ آئوٽ اسڪور ڪيو هو، جنهن تي کيس مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو هو.