ڪاوش اسپورٽس- پاڪستان-انگلينڊ ٽه ملڪي ٽورنامينت |
|
پاڪستان جي هاڪي ٽيم بيجنگ اولمپڪس ۾ اڄ ڪئناڊا سان مقابلو ڪندي بيجنگ (اسپورٽس ڊيسڪ) بيجنگ اولمپڪس ۾ هلندڙ هاڪي ايونٽ جي پهرين مرحلي ۾ اڄ وري پاڪستان جي هاڪي ٽيم ڪئناڊا خلاف ٻي ميچ کيڏندي، ميچ پاڪستان جي معياري وقت مطابق شام 4 وڳي کيڏي ويندي، پاڪستان جي هاڪي ٽيم کي پهرين کيڏيل ميچ ۾ برطانيا جي هاڪي ٽيم هٿان 2 جي مقابلي ۾ 4 گولن تان شڪست ملي هئي، ميڊل کٽڻ لاءِ پاڪستاني ٽيم کي سخت محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي، پهرين ميچ ۾ به پاڪستاني ٽيم برطانيا خلاف ڪيترائي موقعا ضايع ڪيا هئا، پاڪستان جي ڪوچ نويد عالم جو چوڻ هو ته ان ميچ ۾ شڪست باوجود پاڪستاني ٽيم ايندڙ ميچن ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندي.
|